اسلام آباد ?? 28 ??پريل (اي پي پي) ڪينيڊا ۾ پاڪستاني سفير ظهير اي جنجوعه چيو آهي ته پاڪستاني شاگرد ۽ شاگردياڻيون دنيا ۾ جتي به تعليم حاصل ڪن پيا اهي پنهنجي ثقافت سان جڙيل آهن ۽ ان ج?? مختلف پهلوئن ۽ رنگ جو اظهار ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪندا آهن. اهڙو اظهار هن اوٽاوا ۾ تعليم حاصل ڪندڙ پاڪستاني شاگردن ۽ شاگردياڻين جي ثقافتي ميلي ۾ ڳالهائيندي ڪيو. پاڪستاني هائي ڪميشن ڪينيڊا طرفان جاري بيان موجب اوٽاوا ۾ تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن ۽شاگردياڻين جي ثقافتي ميلي ۾ پاڪستاني سفير ظهير اي جنجوعه خصوصي شرڪت ڪئي. ميلي جو اهتمام پاڪستان اسٽوڊنٽس ايسوسي ايشن يونيورسٽي ڪارلٽن اوٽاوا جي اهتمام هڪ مقامي پارڪ ۾ ڪيو ويو. جنهن ۾ وڏي انگ ۾ پاڪستاني ۽ ٻين قوميتن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين حصو ورتو.
مضمون کا ماخذ : علاقائی کلیدی الفاظ