قاهره-26 آڪٽوبر(اي پ?? پي) م??ر جي صدر عبدالفتاح السيسي چيو آهي ته سندس ملڪ پنهنجي پ??ري تاريخ ۾ پنهنجي سرحدن کي عبور ناهي ڪيو ۽ ان جا سمورا هدف پنهنجي سرحدن جي حفاظت ۽ پنهنجي قومي سلامتي کي محفوظ بڻائڻ آهي. سعودي خابرو اداري موجب هن گذريل ڏينهن سوئز ۾ فورٿ آرم??ڊ ڊويزن جي جنگي صلاحيتن ۽ تيارين جي معائني دوران ڳالهائيندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته مصر سمورن بحرانن مان صبر ۽ تحمل سان منهن ڏيندو آهي ??ه جيئن طاقت جي استعمال کانسواءِ مقصد حاصل ڪري سگهجن. هن چيو ته اسان پنهنجي دفاع ۾ پنهنجي طاقت کي فهم ۽ فراست سان استعمال ڪنداسين. م??ر جي صدر غزه جي صورتحال تي تبصرو ڪندي چيو ته اسان غزه ۾ جاري ڇڪتاڻ تي ضابطو آڻڻ ۽ ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ جنگ بندي تائين پهچڻ ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته فلسطين مسئلي جو حل سفارتي ذريعن سان ممڪن آهي ۽ اسان فلسطين تڪرار جي ٻه رياستي حل جي حمايت جاري رکندسين.
اسان پنهنجي دفاع ۾ طاقت کي فهم ۽ فراست سان استعمال ڪنداسين:صدر عبدالفتاح السيسي
مضمون کا ماخذ : خداؤں کی عمر