بيجنگ-06 نومبر (اي پي پي) چين چيو آهي ته ??المي برادري غزه ۾ بگڙجندڙ انساني صورتحال تي توجهه ڏي. چيني خابرو اداري ??طا??ق چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان وانگ وين بين پريس ڪانفرنس ۾ فلسطين اسرائيل جنگ سان جنم وٺندڙ انساني الميي جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ چيو آهي ته موجوده جنگ ۾ 11 هزار کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار بڻجي ويا آهن. عالمي برادريءَ کي اهڙي طرح جي سانحن جو تسلسل روڪڻ گهرجي. ترجمان نشاندهي ڪئي ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي هاڻوڪي خصوصي اجلاس ڳري اڪثريت سان هڪ قرارداد منظور ڪئي، جنهن ??طا??ق ڌُرين قانون ??طا??ق فوري تي جنگبنديءَ جو مطالبو ڪيو ??يو?? بين الاقوامي انساني قانون ??طا??ق عام شهرين، شهري ٺڪاڻن ۽ افرادي عملي ۽ ٺڪاڻن جو احترام ۽ تحفظ ڪيو وڃي ۽ ٻه رياستي حل جي عزم کي ورجايو وڃي. هي عالمي برادري جي مضبوط آواز جي عڪاسي ڪري ٿو. وانگ وين بين چيو ته ??لامتي ڪائونسل جي موجود?? چيئرمين ملڪ جي حيثيت سان چين فلسطين ۾ امن جي بحاليءَ لاءِ پنهنجي پوري ڪوشش ڪندو ۽ تڪرار ۾ ٽياڪڙي، ڇِڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ ۽ فلسطين مسئلي کي ٻه رياستي حل جي راهه تي واپس آڻڻ لاءِ عالمي برادريءَ سان گڏجي ڪم ڪندو.
عالمي برادري غزه ۾ بگڙجندڙ انساني صورتحال تي توجهه ڏي: چين
مضمون کا ماخذ : ریل رش