پيرس -08 جولاءِ (اي پي پي) فرانس ۾ تازين چونڊن ۾ حصو وٺندڙ 3 سياسي اتحادن جي ڪارڪنن وچ ۾ ڏڦيڙ پکڙجي ويا. رشيا ٽو ڊي مطابق ڏڦيڙن تي ض??بطو آڻڻ لا??ِ سڄي ملڪ مان 30 هزار پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا جن مان صرف گادي واري هنڌ پيرس ۾ 5 هزار اهلڪار مقرر ڪيا ويا. ٽنهي سياسي اتحادن پاران واضح برتري حاصل نه ڪرڻ سبب فرانس ۾ انهن سياسي اتحادن جي ڪارڪنن وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿيو. رپورٽ مطابق پيرس، نانتيز، ليون، مارسيلي ۽ رينز شهرن ۾ پرتشدد هنگامن دوران دڪانن مان ڦرلٽ ڪئي وئي، موٽر سائيڪلن کي باهيون ڏنيون ويون ۽ پوليس تي ڌماڪيدار مادو اڇلايو ويو جنهن کان پوءِ پوليس ماڻهن کي ڇڙ وڇڙ ڪرڻ لا??ِ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جو استعمال ڪيو. فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون گذريل مهيني وقت کان اڳ چونڊن جو اعلان ڪيو هو جنهن جي پهرين مرحلي ۾ ساڄي ڌر جي نيشنل ريلي پارٽي (آر اين) 33 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪيا پر چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ هو پنهنجي پوزيشن برقرار نه رکي سگهي ۽ 143 سيٽن سان ٽئين نم??ر تي اچي وئي. کاٻي ڌر جي نيوپاپولر فرنٽ بلاڪ 182 سيٽن سان پهرين نم??ر تي اچي وئي پر قطعي اڪثريت حاصل نه ڪري سگهي. فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون جي قيادت ۾ اتحاد 168 سيٽن سان ٻئي نم??ر تي اچي ويو.
فرانس ۾ وقت کان اڳ چونڊن کان پوءِ ڏڦيڙ پکڙجي ويا، 30 هزار پوليس اهلڪار مقرر
مضمون کا ماخذ : اسٹریٹیجیا لاٹوفاسیل