گڏيل قومون- 08 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن ڪراچي جي جناح ان??رنيشنل هوائي اڏي ويجهو دهشتگرد حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته شهرين کي ڪڏهن به نشانو نه بڻائڻ گهرجي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي ترجمان اسٽيفن دوجارڪ گذ??يل ڏينهن نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽرز ۾ بريفنگ دوران هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته اسان پاڪستان جي شهر ڪراچي ۾ ٿيل دهشتگردي جي واقعي جي مذمت ڪيون ٿا. هن گڏيل قومن جي سربراهه پاران چيو ته شهرين کي ڪنهن به صورت ۾ نشانو نه بڻائن گهرجي اسان متاثرن جي خاندان ۽ پاڪستان ۽ ??ين جي عوام ۽ حڪومت سان تعزيت جواظهار ڪيون ٿا. واضح رهي ته آچر جي رات ڪراچي جي جناح ان??رنيشنل ايئر پورٽ ويجهو ڌماڪي ۾ 2 چيني ۽ هڪ پاڪستاني شهري مارجي ويا ۽11 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا.
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا کے نتیجے میں پچھلے حصے