اسلام آباد – 18 جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ت?? آپريشن ضرب عضب جي ذريعي قبائلي علائقن سميت سڄي ملڪ ۾ دهشتگردن جي نيٽ ورڪ کي تباهه ڪيو ويو آهي، پاڪستان دهشتگردن جي خلاف بنا فرق جي ڪارروائي ڪئي، اسان هر قسم جي دهشتگردن جي خلاف آهيون ۽ پنهنجي سرزمين تي ڪنهن به قسم جي دهشتگردن کي برداشت نه ڪنداسين. سينيٽ جي اجلاس ۾ مخالف ڌر اڳواڻ ۽ اپوزيشن جي ڪيترن ئي ميمبرن طرف??ن جمع ڪرايل رٿ جي حوالي سان خيالن جو اظهار ڪندي پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز چي?? ته آمريڪي سينيٽ جي آرمز سروسز ڪميٽي جي چيئرمين جان مڪين جي سربراهي ۾ 2 کان 3 جولاءِ تائين 5 رڪني آمريڪي وفد پاڪست??ن جو دورو ڪيو ۽ ان دوران و??ير??عظم ۽ صلاحڪار سان به ملاقاتون ڪيون، آمريڪي سينيٽرز جو وفد آرمي ??يف سان به مليو ۽ کين دهشتگردي جي خاتمي واري آپريشنز جي باري ۾ به آگاهه ڪيو ويو.
آپريشن ضرب عضب سان دهشتگردن جي نيٽ ورڪ کي تباهه ڪيو ويو آهي: سرتاج عزيز
مضمون کا ماخذ : کلیوپیٹرا