ڊيووس – 24 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته گڏيل خو??حا??ي جو مقصد رکندڙ ”هڪ خط?? هڪ رستو“ منصوبو ڪيترن ئي ملڪن، خطن ۽ تهذيبن کي ڳنڍيندي اقتصادي ترقي ۾ مددگار ثابت ٿيندو، سي پيڪ منصوبي تحت پاڪستان ۾ مواصلات، بنيادي ڍانچي، توانائي جي وڏن منصوبن تي ڪم ٿي رهيو آهي، منصوبي سان علائقائي واپار کي هٿي ملندي ۽ خطي جي عوام هڪ ٻئي جي ويجهو ايندي. هن اهڙن خيال?? جو اظهار 48 هين عالمي اقتصادي فورم ۾ ”هڪ خطو، هڪ رستو جي اثرن“ جي موضوع تي پينل مباحثي ۾ ڳالهائيندي ڪيو. پينل ۾ ٻين مقررين ۾ ايشين انفراسٽرڪچر انويسٽمينٽ بئنڪ جو صدر جن لي چن، مئنيجنگ ڊائريڪٽر سائي چن گلوبل لي چن، رشين ڊائريڪٽ انويسٽمينٽ فنڊ جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڪيرل ??مت??ي آف، چائنا نيشنل مشينري انڊسٽريل ڪارپوريش?? جو چيئرمين رين هانگ بن، سنگاپور جو وزير چان چن سنگ ۽ اي اي سي او جو چيئرمين مائيڪل ايس برڪ شامل هئا.
هڪ خطو هڪ رستو منصوبو اقتصادي ترقي ۾ مددگار ثابت ٿيندو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپلی کیشنز کے فوائد