اسلام آباد – 20 جون (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 31 هزار 681 ڪورونا جا ٽيسٽ ڪيا ويا. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جا 63 هزار 504 مريض صحتياب ٿي چڪا آه??. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس کي منهن ڏيندڙ 153 ماڻهو فوت ٿي ويا، 26 فيبروري تي ڪوورنا وائرس جي پهرين ڪيس کانپوءِ اهي هيستائين جي هڪ ڏينهن ۾ ٿيندڙ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون آه??. گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريضن و??نٽي ليٽر تي نه آه?? جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر 549 مريض وينٽي ليٽرز تي آه??. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪل ايڪٽو ڪيسن جو انگ 1 لک 4 هزار 780 آه?? جنهن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 6604 ماڻهن جو اضافو ٿيو. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو انگ 1 لک 71 هزار 666 آه?? جن ۾ آزاد ڪشمير ۾ 803، بلوچستان ۾ 9 هزار 162، گلگت بلتستان ۾ 1 هزار 253، اسلام آباد ۾ 10 هزار 279، خيبرپختونخواهه ۾ 20 هزار 790، پنجاب ۾ 64 هزار 216 ۽ سنڌ ۾ ڪورونا مريضن جو انگ 65 هزار 163 آه??. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 3382 آه?? جن مان سنڌ ۾ 1 هزار 13، پنجاب ۾ 1 هزار 347، خيبرپختونخواهه ۾ 789، اسلام آباد ۾ 95، بلوچستان ۾ 100، گلگت بلتستان ۾ 21 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 17 فوتگيون ٿيون.
نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران ڪورونا وبا جي تازي اپ ڊيٽ جاري
مضمون کا ماخذ : میٹھا بونانزا