اسلام آباد – 29 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو آهي ته ڪربلا جي شهيدن جي ايثار جي جذبي، قرباني ۽ اڻٽر ارادي تي عمل پيرا ٿي سمورين مشڪلاتن کي ضابطو آڻي سگهجي ٿ??، يوم عاشور جي موقعي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر پنهنجي ڌار ڌار پيغامن ۾ چيو ته هي ڪربلا واقعو الله تعاليٰ ۽ يوم آخرت تي اڻٽر ايمان آهي، بي مثال تقويٰ، بهادري، الله جي راهه ۾ صبر ۽ قرآن مجيد ۾ بيان شهادت جي جذبي جو هڪ بهترين نمونو آهي جنهن کي قيامت تائين ياد رکيو ويندو. اسپيڪر چيو ته ڪربلا واقع?? اسان کي حضرت امام حسين رضه ?? سندس ساٿين جي ان عظيم قربانين جي ياد ڏياري ٿ?? جنهن حق ۽ سچ جي خاطري ڏنيون، هن چيو ته حضرت امام حسين رضه ?? سندس ساٿي قرباني تعليم، برداشت، قرباني ۽ شهادت جي جذبي جي هڪ لازوال مثال آهن.
مضمون کا ماخذ : کلیوپیٹرا