اسلام آباد – 15 آگسٽ (??ي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻن ترڪ شهرين ڊاڪٽر سلامي ڪليچ ۽ پروفيسر ڊاڪ??ر جلال سويدان کي استنبول ۾ اعزاز ورهائڻ واري خصوصي تقريب ۾ ايوارڊز ڏنا. صدر عارف علوي ڊاڪٽر سلامي ڪليچ کي پاڪستان ??ي لاءِ خدمتن جي عيوض ستاره امتياز سان نوازيو. ڊاڪٽر سلامي پاڪستان ۾ 2005ع جي تب??هي آڻيندڙ زلزلي کانپوءِ امدادي سرگرمين ۾ حصو ورتو هو. پاڪستان ۾ 2010ع جي ٻوڏ کانپوءِ ڊاڪٽر سلامي ڊيره مراد جمالي ۾ هڪ فيلڊ اسپتال قائم ڪرڻ ۾ پڻ مدد ڪئي هئي. هو مظفر ڳڙهه ۾ رجب طيب اردوان ??سپتال قائم ڪرڻ ۾ به اڳتي رهيو. صدر پاڪستان ??ي لاءِ خدمتن جي عيوض پروفيسر ڊاڪ??ر جلال سويدان کي ستاره قائداعظم جي ايوارڊ سان نوازيو. هو استنبول يونيورسٽي ۾ اردو شعبي جو سربراهه آهي. ڊاڪ??ر جلال پنهنجي ٽن ڏهاڪن تي ٻڌل ڪيريئر ۾ ترڪي زبان ۾ اردو ۽ اردو ادب جي فروغ لاءِ نمايان ??دمتون سرانجام ڏنيون آهن. ڊاڪ??ر جلال 20 ڪتابن جو ليکڪ آهي جڏهن ته قومي ۽ عالمي رسالن ۾ اردو ۽ ترڪيءَ ۾ ٻن درجن کان وڌيڪ مضمون ۽ مقالا شايع ٿي چڪا آهن. ڊاڪ??ر جلال اقباليات جي شعبي ۾ پڻ نمايان ??دمتون سرانجام ڏنيون. ڊاڪ??ر جلال علامه اقبال جي لکڻين ۽ ارمغان ??جاز، ضرب ڪليم، بال جبريل، بانگ در ۽ اسلام ۾ مذهبي فڪر جو ترڪ زبان ۾ ترجمو ڪري چڪو آهي.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻن ترڪ شهرين ڊاڪٽر سلامي ڪليچ ۽ پروفيسر ڊاڪٽر جلال سويدان کي اعزاز ڏنا
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک واریر شہزادی