اسلام آباد – 22 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت پوکيءَ جي شعبي ۾ بهتر ٽيڪنيڪ اخ??يا?? ڪري فصلن جي في ايڪڙ پيداوار وڌائڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي، ٻجن ۽ ڀاڻ جي بهتر معيار جي پيداوار جي لاءِ تحقيق ۽ ترقي ۾ سيڙپڪا??ي ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ملڪ ۾ خريف جي فصلن بابت اجلاس ٿيو جنهن ۾ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي وزير سيد فخر امام، ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت فياض ترين، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، صنعت واري وفاقي وزير مخدوم خسرو بخ??يا?? ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. پنجاب، سنڌ، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي صنعت وارن صوبائي وزيرن وڊيو ل??ڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪ??ي. ??ن موقعي تي وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته خريف جي فصلن ۾ ڪپهه، چانور، مڪئي ۽ ڪمند ملڪ ۾ پوکي ويندڙ وڏيون فصلون آهن، حڪومت جي زراعت دوست پاليسين جي ڪري انهن سمورين فصلن جي في ايڪڙ پيداوار ۾ اضافي جو رجحان ڏٺو پيو وڃي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته سٺي معيار جي ٻجن ۽ جيت مار دوائن، موثر تحقيق ۽ ترقي ۽ ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۾ وڏي سيڙپڪا??ي ڪري ملڪ ۾ زرعي شعبي کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي ٿو. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ملڪ ۾ غذائي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورين فصلن جي پيداوار کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن.
حڪومت پوکيءَ جي شعبي ۾ بهتر ٽيڪنيڪ اختيار ڪري فصلن جي في ايڪڙ پيداوار وڌائڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز