اسلام آباد – 05 جنوري (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان چيو آهي ته شهرن جي ترقي لاءِ اهڙي ڊگهي مدي واري منصوبابندي جي ضرورت آهي جنهن جي نتيجي ۾ شهرن جو انتظام ۽ انصرام عوام کي بهتر خدمتون فراهم ڪري سگهي ۽ اوڳاڙيون به ٿي سگهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ لاهور شهر ۾ ٽريفڪ جو دٻاءُ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ رستن جي تعمير جي منصوبن جي حوالي سان منعقد اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزير??عظ?? عمران خان چيو ته لاهور شهر مان تمام گهڻي اوڳاڙي گڏ ٿي سگهي ٿي. هن ان سلسلي ۾ شهر جي اهم زمينن کي ??ست??مال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو جيڪي هن وقت ??ست??مال ۾ نه آهن ۽ بيڪار پيل آهن. وزير??عظ?? چيو ته شهر انهن اهم جاين کي عوامي مفاد جي منصوبن لاءِ ??ست??مال ۾ آڻي ??ه رڳو انهن زمينن مان فائدو کڻي سگهجي ٿو پر ان سان حڪومت ڪافي اوڳاڙيون به حاصل ڪري سگهي ٿي. وزير??عظ?? تجويز ڏني ته لاهور ۾ شهري منصوبن کي سرڪاري ۽ جي شعبي جي حصيداري سان راوي اربن ڊيولپمينٽ ۽ سينٽرل ڊسٽرڪٽ منصوبن جي طرز تي هلايو وڃي. اجلاس کي پنجاب حڪومت جي گلبرگ ۾ بوليورڊ ايم ٽو موٽروي ايليويٽيڊ ايڪسپريس وي منصوبي بابت بريفنگ ڏني وئي. وزير??عظ?? کي ٻڌايو ويو ته ايليويٽيڊ ايڪسپريس وي لاهور جي شهرين ۽ مسافرن کي شرقي ۽ غربي روٽ فراهم ڪندو ۽ ان سان موجوده رستن تي ٽريفڪ جي دٻاءُ ۾ گهٽتائي ايندي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پنجاب حڪومت ان کان اڳ ان منصوبي لاءِ 5 ارب رپيا خرچ ڪيا جڏهن ته منصوبي جي ڪل لاڳت جو ڪاٿو 61 ارب رپيا لڳايو ويو آهي ۽ هو 15 مهينن ۾ م??مل ٿيندو. ان منصوبي سان سفر جو وقت 30 منٽ گهٽ ٿيندو ۽ روزانو 73 هزار گاڏيون اهو روٽ ??ست??مال ڪنديون. اجلاس ۾ ناڻي ??اري وفاقي وزير شوڪت رين، تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ۽ وزير??عظ?? جي خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل شرڪت ڪي جڏهن ته پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار، پنجاب جا صوبائي وزير ۽ سينيئر عملدار وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا.
شهرن جي ترقي لاءِ اهڙي ڊگهي مدي واري منصوبابندي جي ضرورت آهي جنهن جي نتيجي ۾ شهرن جو انتظام ۽ انصرام عوام کي بهتر خدمتون فراهم ڪري سگهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : کوئٹہ لاٹری