اسلام آباد – 21 جنوري (اي پي پي) ايوان صدر جي جامع مسجد مان اخ??اق جي تعمير جي موضوع تي جمعي ج?? خطبو معمول موجب ??ڌو سنئون نشر ڪيو ويو. اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز جمعي ج?? خطبو ڏنو. هن چيو ته زندگي جي هر رخ جي لحاظ کان حضور اڪرم ﷺ جي زندگي مبارڪ ۽ تعليمات اسان جي لاءِ مشعل راهه آهن، بهترين اخ??اق معاشري جو حسن هوندو آهي جنهن معاشري ۾ رويي ۽ هڪ ٻئي سان سلوڪ بهتر هجي اهو ئي معاشرو دنيا ۾ عزت ۽ وقار جو مقام حاصل ڪري سگهي ٿو، ڊاڪٽر قبله اي??ز چيو ته اسلام جي تاريخ اخ??اق حسنه جي مثالن سان ڀري پئي آهي، هن هجرت حبثه جو تاريخي حوالو ڏنو ۽ چيو ته مسلمان پناهگيرن جي اخ??اق جي ڪري اتي ان لاءِ عزت، احترام ۽ همدردي جا جذبا پيدا ٿيا آهن، اسلام جي ڇپجڻ جي تاريخ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته مسلمان ديانت، امانت، سچائي، تعاون ، ايثار ۽ انساني احترام جي روين کي فروغ ڏنو، هن عيبن جي پرده پوشي ڪرڻ ۽ ٻين کي خراب نالن سان پڪارڻ جي مخالف جي باري ۾ اسلامي تعليمات تي روشني وڌي. هن بدگمانين سان گڏوگڏ غيبت کان بچڻ جي تلقين ڪئي ۽ چيو ته ان حوالي سان دين اسلام ۾ واضح هدايتون آهن، ڊاڪٽر قبله اي??ز چيو ته اخ??اق حسنه رکندڙ معاشرو جوڙي اسان پاڪستان کي هڪ خوشحال ۽ باوقار ملڪ بڻائي سگهون ٿا، ان موقعي تي ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪئي وئي، واضح رهي ته صدر عارف علوي جي هدايت تي ماڻهن جي رهنمائي لاءِ ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي ج?? خطبو ??ڌو سنئون نشر ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.
ايوان صدر جي جامع مسجد مان اخلاق جي تعمير جي موضوع تي جمعي جو خطبو
مضمون کا ماخذ : resultados loteria São Paulo