اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان، افغانستان جي رستي، وچ ايشيائي رياستن سان ??اپاري ۽ اقتصادي رابطا وڌائڻ چاهي ٿو، ملڪي مفادن جي سامهون رکندي آمريڪا سان بهترين لاڳاپا چاهيون ٿا. اهي ڳالهيون هن ٽيڪسلا ۾ اورينج فيسٽيول تقريب کي خطاب ڪندي ڪيُون. پرڏيهي وزير خاص مهمان طور جڏهن ته پاڪستان ۾ مقرر سفيرن جي وڏي تعداد ان اورينج فيسٽيول ۾ شرڪت ڪئي، فيسٽيول ۾ گنڌارا تهذيب کي اجاگر ڪرڻ جي حوالي سان ??ختلف اس??الز لڳايا ويا، پرڏيهي وزير فيسٽيول ۾ لڳايل اس??الز جو دورو ڪيو ۽ منتظمين جي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته اهڙن فيسٽيول ??ي انعقاد سان ??اڪستان جي تاريخي ۽ تهذيبي ورثي کي اجاگر ڪرڻ ۽ ان حوالي سان آگاهي پکيڙڻ جو موقعو ملي ٿو. منهنجي ويجهو اهڙا ايونٽ مختلف تهذيبن ۽ ثقافتن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي وچ ۾ رابطن جي فروغ لاءِ پل جو ڪردار ادا ڪندا آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان کي الله تعاليٰ بي پناهه وسيلن سان ??وازيو آهي پر بدقسمتي سان گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ دهشتگردي جي لعنت کي منهن ڏيڻ سبب اسان ان طرف صحيح معنيٰ ۾ ڌيان ??ه ڏئي سگهياسين، اڄ اسان ??زيراعظم عمران خان جي ويزن جي روشني ۾، پنهن??ي اقتصادي ترجيحن کي اڳتي وڌائي رهيا آهيون. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان چاهي ٿو ته افغانستان جي رستي، وچ ايشيائي رياستن سان ??اپاري ۽ اقتصادي رابطن کي وڌايو وڃي جڏهن ته ڪجهه قوتون افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام نٿيون ڏسڻ چاهين، افغانستان جي عبوري حڪومت واضح ڪيو آهي ته هو پنهنجي سرزمين ڪنهن ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿيڻ ڏيندا، هن چيو ته اسان ??نهنجي مفادن کي سامهون رکندي آمريڪا سان ??نهنجا بهترين لاڳاپا چاهيون ٿا، چين سان اسان جا دوستاڻا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيا آهن ۽ روس سان اسان جي لاڳاپن ۾ هڪ نئون موڙ اچي رهيو آهي. اسان ڪنهن ڪيمپ جو حصو بڻجڻ کانسواءِ سڀني سان بهترين لاڳاپن جا خواهشمند آهيون، مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته اسان ??ندستان سميت سمورن پاڙيسرين سان خوشگوار لاڳاپن جي پاليسي رکون ٿا، پر بدقسمتي سان ??ندستان سرڪا?? جي هندوتوا سوچ پوري خطي ??ي امن ۽ امان کي شديد خطرن جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي، اڄ هندستان ??ي اندران ??ڪ وڏو طبقو ڀارت سرڪا?? جي ناقص پاليسين ۽ انتهاپسنداڻي سوچ جي خلاف آواز اٿاري رهيو آهي.
پاڪستان، افغانستان جي رستي، وچ ايشيائي رياستن سان واپاري ۽ اقتصادي رابطا وڌائڻ چاهي ٿو: پرڏيهي وزير
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز