اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ صحت جي ??المي اداري جو بروقت تعاون مثالي رهيو، پاڪستان هن خطي جو واحد ملڪ آهي جتي ان وبائي مرض کي موثر انداز ۾ قابو ڪيو ويو آهي، سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ صحت جي ??المي اداري جي نمائيندي ڊاڪٽر پليٿا گونراٿنا سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي ??ورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڊاڪٽر پليٿا سينيٽ چيئرمين کي ڊبليو ايڇ او جي پاڪستان ۾ منصوبن کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان ان خطي جو واحد ملڪ آهي جتي ان وبائي مرض کي موثر انداز ۾ قابو ڪيو ويو آهي، ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين چيو ته ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ ڊبليو ايڇ او جو وقت سر تعاون مثالي رهيو. اميد آهي ته ڊبليو ايڇ او پاڪستان جي لاءِ تعاون جي فراهمي جاري رکندو. هن چيو ته پاڪستاني عوام کي صحت جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ صحت جي ??المي اداري سدائين مد?? ڪئي آهي. پوليو جي ??اتمي وارن قدمن کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي ??رورت آهي. عوام کي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي ??ولين ترجيح آهي. سينيٽ چيئرمين ڪورونا وائرس (ڪووڊ 19) ويڪسين تائين پهچ لاءِ بھترين تعاون فراهم ڪرڻ تي ڊاڪٽر پليٿا جو ٿورو ادا ڪيو.
ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ صحت جي عالمي اداري جو بروقت تعاون مثالي رهيو: سينيٽ چيئرمين
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ٹکٹ