اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته هن ??يري اسان کي آزادي جو ڏهاڙو ان عزم سان ملهائڻ گهرجي ته ڪشميرين کي ڀارتي ظلم ۽ جارحيت کان ڇوٽڪارو ڏيارينداسين ۽ آخري دم تائين ڪشميرين جو ??اٿ نه ڇڏينداسين. 5 آگسٽ تي ملهائجندڙ استحصال ڏهاڙي جي حوالي سا?? اي پي پي سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو ته استحصال ڏهاڙو ان ڳالهه جو گهرجائو آهي ته پاڪستان سميت سڄي عالمي برادري ڪشميرين جي ڀارتي ظلمن مان جان ڇڏرائڻ جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪر?? ۽ ??ن ڀيري اسان کي آزادي جو ڏهاڙو ان عزم سان ملهائڻو پوندو ته اسان مظلوم ڪشميرين جي ڀارتي ڏاڍ کان ڇوٽڪارو ڏيارينداسين ۽ آخري دم تائين ڪشميرين جو ??اٿ نه ڇڏينداسين ۽ نه ئي ڪنهن قرباني کان ڪيٻائينداسين. هن ??يو ته اسان عالمي برادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته ڪشميرين تي ڀارتي ظلمن ۽ ڀارت جي ڪنڊڪڙڇ ۾ مسلمانن ۽ ڪشميرين جي نس?? ڪشي جو انسانيت جي ناطي نوٽيس وٺي. هن ??يو ته والاري?? ڪشمير ۾ ڪشميرين سان رکيو ويندڙ اڻوڻندڙ سلوڪ تمام وڏو انساني الميو آهي ان تي عالمي ضمير کي جهنجهوڙڻ جي ضرورت آهي. هن ??يو ته پاڪستان ڪشميرين جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت سدائين جاري رکندو.
هن ڀيري اسان کي آزادي جو ڏهاڙو ان عزم سان ملهائڻ گهرجي ته ڪشميرين کي ڀارتي ظلم ۽ جارحيت کان ڇوٽڪارو ڏيارينداسين: خواجه محمد آصف
مضمون کا ماخذ : comprar raspadinha