اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ برطانيا جا لاڳاپا تاريخي نوعيت جا آهن، پاڪستان برطانيا سان واپار، سيڙپڪاري، سلامتي، دفاع، ثقافت ۽ عوامي سطح تي رابطن سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان برطانيا جي ڏکڻ ايشيا ۽ دولت مشترڪه واري ملڪتي وزير لارڊ طارق احمد ملاقات ڪئي. وزيراعظم پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي ??عاون جي مثبت انداز تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته ٻطرفو واپار 3.1 ارب پائونڊ تائين پهچي ويو آهي. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي ع??ام جي وچ ۾ ويجها لاڳاپا قائم ڪرڻ ۾ 16 لک پاڪستانين جي مثبت ڪردار جو خصوصي حوالو ڏنو. لارڊ طارق احمد پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ جي ڪري انساني جانين جي ??يان تي برطانوي حڪومت پاران تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم پاڪستان ۾ بوڏ بابت امدادي سرگرمين ۾ برطانيا جي ??مايت تي ان جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پاڪستان عالمي ڪاربن جي ??خراج ۾ هڪ سيڪڙو کان به گهٽ حصو وجهڻ جي ??اوجود موسمياتي تبديلي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن مان هڪ آهي. لارڊ طارق احمد وزيراعظم کي ٻڌايو ته برطانوي ع??ام ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني پاڪستان جي ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي لاءِ امداد ۽ بحالي جي ڪوششن ۾ تمام وڌيڪ مصروف آهن. پاڪستان ۾ ريليف ۽ بحالي جي ڪمن جي لاءِ برطانيا پاران وزيراعظم کي مسلسل مدد جي ??اطري ڪرائيندي لارڊ طارق احمد پاڪستان جي لاءِ اضافي 10 ملين پائونڊ امداد جو اعلان ڪيو جنهن سان برطانيا جي ٻوڏ بابت امداد جي ڪل مقدار 26.5 ملين پائونڊ ٿي وئي. وزيراعظم ڀارت جي ??يرقانوني طور قبضي هي?? ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي مسلسل خلاف ور??ين کان آگاهه ڪندي زور ڏئي چيو ته ڪشميري ع??ام جي ??واهشن ۽ گڏيل قومن جي ??لامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشمير تڪرار جو پرامن حل ڏکڻ ايشيا ۾ ڊگهي مدي وارو امن ۽ استحڪام حاصل ڪرڻ جي لاءِ اهم آهي. وزيراعظم گڏيل قومن جي چارٽر جي ??صولن کي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي ??صولي حمايت کي ور??ايو. جنهن ۾ طاقت جي ??ستعمال کان پاسو ڪرڻ، ان جي ??ستعمال جو خطرو، رياستن جي ??ودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جو احترام، تڪرارن جو حل ۽ سمورين رياستن جي لاءِ هڪ جهڙو تحفظ شامل آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان دشمني جي فوري خاتمي جو مطالبو ۽ يوڪرين جي ??ڪرار کي جلد ڳالهين ذريعي ختم ڪرڻ جي لاءِ سفارتڪاري ۽ ڳالهين جي ??رورت تي زور ڏنو. وزيراعظم برطانوي مملڪتي وزير ۽ ان جي وفد جي مان ۾ مانجهاندي جو پڻ اهتمام ڪيو.
پاڪستان ۽ برطانيا جا لاڳاپا تاريخي نوعيت جا آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری پاکستان