اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري م??لڪ??ي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته پاڪستان ام??، استحڪام، ترقي ۽ انساني حقن تي پڪو يقين رکي ٿو، گڏيل قومن جي انتظام هيٺ پاڪستان دنيا جي وڳوڙي علائقن ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، پاڪستاني پيس ڪي??رز سڄي دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي امن دستن جي 75 هين سالگرهه تقريب کي خطاب ڪندي ڪي??. پرڏيهي معاملن واري م??لڪ??ي وزير چيو ته اسان جي پيس ڪي??رز سڄي دنيا ۾ امن جي لاءِ جانين جون قربانيون ڏنيون آهن، 177 پاڪستاني پيس ڪي??رز امن جي لاءِ جانين جا نذرانا پيش ڪيا آهن. حنا رباني کر چيو ته پاڪستان جي يو اين پيس سان تاريخي حصيداري آهي ۽ پاڪستاني پيس ڪي??رز سڄي دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، گذريل سال 8 پاڪستاني پيس ڪي??رز گڏيل قومن جي جهنڊي هيٺ ش??ادت ماڻي. پرڏيهي معاملن واري م??لڪ??ي وزير حنا رباني کر چيو ته پاڪستاني عورتون زندگي جي هر شعبي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. هن گڏيل قومن جي ڪمان هيٺ امن دستن جي دنيا جي مختلف علائقن ۾ خدمتن ۽ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ انهن ڀرپور ڪوششن جو ذڪر ڪندي زبردست لفظن ۾ خراج تحسين پيش ڪي??. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته گڏيل قومن جي امن فوج جي 75 سالا تاريخ ۾ هيستائين وڏي انگ ۾ پاڪستاني پيس ڪي??رز گڏيل قومن جي 46 امن مشنز ۾ بهادري سان خدمتون سرانجام ڏنيون آهن.
پاڪستان امن، استحڪام، ترقي ۽ انساني حقن تي پڪو يقين رکي ٿو: مملڪتي وزير حنا رباني کر
مضمون کا ماخذ : ریل رش