اسلام آباد-14 جون (اي پي پي)نيشنل ڊزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي اي?? اي) جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ قومي مون سون ڪوآرڊينيشن ڪانفرنس جي صدارت ڪئي ۽ ڪانفرنس لاءِ بحث هيٺ شعبن جو خاڪو پيش ڪيو. ڪانفرنس جو مقصد سمورن ??ُر??ن وچ ۾ هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ ۽ مون سون جي تياريءَ جي قدمن جو جائزو وٺڻ هو. چيئرمين ارسا ۽ موسمياتي تبديليءَ واري وزارت، ڊزاسٽر مئنجمينٽ جي ادارن، اي??رجنسي سروسز، موسميات کاتي، سپارڪو، اي?? ايڇ اي، هٿياربند فوج، سي ڊي اي/آءِ سي ٽي، پي ايڇ اي??، اي?? ايڇ اي??ن، اي?? ڊبليو او، اي??رجنسي ريسپانس ايجنسين ۽ يو اي?? او، يو اي?? ڊي پي ۽ ڊبليو ايڇ ايڇ جي نمائندن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي. چيئرمين گذريل 22ع جي ٻوڏ جي تجربن مان سکي ڪري تياريءَ جي اهميت، وقتائتي تربيتي ۽ مون سون جي هنگامي صورتحال لاءِ اسٽاڪ پوزيشنز جو جائزو وٺڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن عام ماڻهن، انساني حق?? جي تنظيمن ۽ـ لاڳاپيل کاتن لاءِ ٺوس مشورا ۽ رهنمائيءَ جا ڪتابڙا جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته آفتن جي اثرن کي گهٽائڻ لاءِ فعال قدم ضروري آهن ۽ـ آفتن جي حملن کان اڳ ٺوس قدم کڻڻ تي زور ڀريو. موسيمات کاتي اي??دڙ 3 مهينن جي موسمي حالتن بابت بريفنگ ڏني وئي ۽ اڳواٽ اڳڪٿي ڪيل 2023ع جي گرميءَ جي موسم ۾ شديد موسمي واقعن جو امڪان آهي، جنهن سان درياهن ۾ چاڙهه، اوچتو ٻوڏ، لينڊ سلائيڊنگ ۽ شهري ٻوڏ جو سبب بڻجي سگهن ٿا. آبادگارن ۽ هارين کي انهن واقعن لاءِ تيار رهڻ گهرجي ۽ ان تحت ئي رٿابندي ڪرڻ گهرجي. ارسا چيئرمين آبي ذخيرن جي صورتحال بابت آگاهي ڏني. ڊزاسٽر مئنجمينٽ جي صوبائي ۽ علائقائي ادارن مون سون جي هنگامي صورتحال لاءِ عوامي جاڳرتا مهم ۽ فرضي مشقن جا تفصيل پيش ڪيا. اي?? ڊي اي?? اي چيئرمين صوبائي اختيارين کي هدايت ڪئي ته مقامي اي?? جي اوز ۽ امدادي تنظيمن سان هم آهنگي پيدا ڪري، مقامي آباديءَ تائين وڌ کان وڌ رسائيءَ کي يقيني بڻايو وڃي ۽ موسميات کاتي جي اڳڪٿيءَ موجب وسيلن کي ڪتب آڻڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.
اين ڊي ايم اي جي چيئرمين طرفان قومي مون سون ڪوآرڊينيشن منعقد
مضمون کا ماخذ : پاور بال کی پیشن گوئی