پيرس – 23 – جون (اي ??ي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف اسلامي ترقياتي بئنڪ (آءِ ايس ڊي بي) جي صدر ڊاڪٽر محمد الجاسر سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ آءِ ايس ڊي بي جي وچ ۾ پراڻي تعاون ۽ رابطي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اها ملاقات فرانس ۾ منعقد ٿيندڙ نئين عالمي مالياتي معاهدي جي لاءِ سربراهه اجلاس جي موقعي تي ٿي. وز??را??ظم ۽ آءِ ايس ڊي بي جي صدر مختلف جاري منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ تعاون جي نئين موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وز??را??ظم 9 جنوري 2023ع تي جنيوا ۾ منعقد ٿيندڙ ڪلائميٽ ريزيليئنٽ پاڪستان بابت عالمي ڪا??فرنس ۾ آءِ ايس ڊي بي جي شرڪت تي پاڪستاني حڪومت ۽ عوام پاران ڊاڪٽر الجاسر جا ٿورا مڃيا. هن ڪا??فرنس ۾ آءِ ايس ڊي بي جي پاڪستان جي ٻوڏ کانپوءِ بحالي ۾ معاونت جي لاءِ 4.2 ارب ڊالر جي فراهمي جي اعلان کي ساراهيو. هن ان فراخدلاڻي مالي معاونت ۾ ڊاڪٽر الجاسر جي ذاتي تعاون ۽ قائداڻي ڪردار کي تسليم ڪيو. وز??را??ظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته آءِ ايس ڊي بي جي پاڪستان سان فائديمند حصيداري ملڪ جي عوام کي ان جي زندگين جي نئين سر تعمير ۽ روزگار ۾ مدد فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ حڪومت جي پائيدار ترقي جا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ مددگار ٿيندي. وز??را??ظم ڊاڪٽر الجاسر کي ملڪ ۾ غيرملڪي سيڙپڪاري کي صحيح رخن تي قائم ڪرڻ ۽ غيرملڪي سيڙپڪارن جي سمورن خدشن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ون ونڊو حل فراهم ڪرڻ جي لاءِ تازو ئي جوڙيل خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪا??ون??ل بابت پڻ ٻڌايو. وز??را??ظم آءِ ايس ڊي بي جي صدر کي جلد کان جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت جو پڻ ورجاءُ ڪيو.
وزيراعظم ۽ اسلامي ترقياتي بئنڪ جي صدر ۾ ملاقات
مضمون کا ماخذ : números quina hoje