ڪراچي-08فيبروري (اي پي پي) سڌ سماءَ، اقليتي معاملن ۽ سوشل سيڪيورٽي جي نگران صوبائي و??ير محمد احمد شاهه ڏکڻ ضلعي ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي نگران وزير محمد احمد شاهه ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل ڏينهن بلوچستان ۾ دهشتگردي جي و??قعن سبب موبائل سروس بند ڪئي و??ي ??هي ته جيئن ان قسم جي و??قعن کي روڪي سگهجي. هن چيو ته موبائل سروس بند ڪرڻ جو فيصلو وفاقي حڪومت جي اختيار ۾ ??هي ۽ اهو فيصلو دهشتگردي جي و??قعن کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي.ڪراچي ۾ اسان وڏي نقصان کان بچي ويا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن صورتحا?? قابو ۾ رهي ته سروس بحال ڪئي ويندي ۽ ڪجهه خاص علائقن ۾ جيڪڏهن ضرورت پئي ته سروس بند رهندي.ڪراچي ۾ بيلٽ پيپرز ريڪور ڪرايا ويا آهن.پولنگ جو عمل پرامن طريقي سان جاري آهي.هن چيو ته نگران حڪومت جي پوري ڪوشش ??هي ته امن امان سان گڏ اڄوڪي ڏينهن جي پڄاڻي ٿئي.صوبي ۾ ووٽنگ جو عمل تسلي بخش آهي. سمورن ڊي آر اوز کان معلوم ڪيو ويو ??هي ته انهن تي ڪنهن به قسم جو دٻاءُ ته نه آهي. انٽرنيٽ بند ڪرڻ جو فيصلو صوبائي حڪومت جي اختيار ۾ نه آهي.هن وڌيڪ چيو ته يقيناً ڪو خطرو ضرور هوندو جنهن جي ڪري اهو فيصلو ڪيو ويو آهي.
نگران صوبائي وزير محمد احمد شاهه ڏکڻ ضلعي ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪري ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے لائیو نتائج