اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايم ڪيو ايم پاران بجيٽ تجويزن جي آجيان ڪندي چيو آهي ته ملڪ کي درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ اتحادي ??ار??ين سان گڏجي ڪم ڪنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي چيئرمين ۽ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي وزير خالد مقبول صديقي جي ??يا??ت ۾ متحده قومي موومينٽ پاڪستان ??ي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ۾ قومي اسيمبلي ميمبر ڊاڪٽر محمد فاروق س??ار?? مصطفيٰ ڪمال، امين الحق، جاويد حنيف ۽ عبدالحفيظ شامل هئا. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ وزيراعظم جو سياسي معاملن ۽ بين الصوبائي رابطن وارو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله ??ڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته متحده قومي موومينٽ پاڪستان حڪومت جي انتهائي اهم اتحادي ??ار??ي آهي، ملڪ کي درپيش چئلينجز جي حوالي سان اتحادي ??ار??ين سان گڏجي ڪم ڪنداسين. هن چيو ته ڪراچي ملڪ جو اهم ترين شهر ۽ ملڪ جي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، ان شهر جي مسئلن جو حل حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم چيو ته ملاقات ۾ مالي سال 25 – 2024ع ??ي وفاقي بجيٽ تي ??ڻ مشاورت ٿي. ايم ڪيو ايم پاڪستان ??ي وفد وفاقي بجيٽ جي حوالي سان تجويزون پيش ڪيون. وزيراعظم متحده قومي موومينٽ پاران بجيٽ تجويزن جي آجيان ڪئي.
وزيراعظم پاران ايم ڪيو ايم جي بجيٽ تجويزن جي آجيان، ملڪ کي درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ اتحادي پارٽين سان گڏجي ڪم ڪنداسين: محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : بلوچستان لاٹری