اسلام آباد – 11 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان وزيراعظم محمد شهباز شريف ملاقات ڪ??ي جنهن ۾ ملڪ جي مجموعي معاشي ۽ مالي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ ايندڙ بجيٽ ۾ عوام کي ريليف ڏيڻ جي حوالي سان تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موج?? وزيراعظم ايوان صدر ۾ ملاقات ڪ??ي. ملاقات ۾منصوبابندي ۽ خصوصي قدمن وارو وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال ??ڻ موجود هئا. صدر آصف علي زرداري چيو ته بجيٽ ۾ غريب ۽ وچولي طبقن جو خاص خيال رکيو ??ڃي. صدر ۽ وزيراعظم ايندڙ بجيٽ ۾ ترقياتي منصوبن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف صدر کي چين جي تازي دوري بابت پڻ آگاهه ڪيو. صدر وزيراعظم کي ملڪي ترقي ۽ معاشي هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ تعاون جي خاطري ڪرائي.
مضمون کا ماخذ : números sorteados lotomania