ڪوئيٽا – 08 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي صوبائي حڪومت تي زور ڏنو آهي ته مشاورت سان مسئلن جي نشاندهي ڪري ۽ انهن جي حل جي لاءِ ٺوس منصوبابندي ڪئي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب گورنر هائوس ڪوئيٽا ۾ م??لم ليگ (ن) جي پارليامينٽ ميمبرن جي وفد سان ملاقات دوران ڳا??ها??يندي وزيراعظم چيو ته بلوچستان مان چونڊيل نمائندا صوبي جي ترقي جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته بلوچستان ۾ صوبائي اتحادي حڪومت م??اورت سان مسئلن جي نشاندهي ڪري ۽ انهن جي حل لاءِ ٺوس منصوبابندي ڪئي وڃي. وزيراعظم چيو ته م??لم ليگ (ن) عوامي خدمت تي يقين رکي ٿي، پارٽي جا چونڊيل نمائندا عوامي ڀلائي تي ڌيان ڏي?? ۽ بلوچستان جي گورنر ۽ وڏي وزير سان مشاورت سان تڪن ۾ ترقياتي منصوبن جي تڪميل ۽ درپيش مسئلا حل ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻن. ملاقات ۾ بلوچستان سان تعلق رکندڙ م??لم ليگ (ن) جي پارليامينٽ ميمبرن سان گڏوگڏ وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، اعظم نذير تارڙ، بلوچستان جو گورنر جعفر خان مندوخيل ۽ پارٽي عهديدار پڻ موجود هئا.
بلوچستان جي صوبائي حڪومت مشاورت سان مسئلن جي نشاندهي ڪري، مسئلن جي حل جي لاءِ ٺوس منصوبابندي ڪئي وڃي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے بہترین ٹکٹ