اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان خطي ۾ اسرائيل جي مسلسل مهم جوئي ۽ لبنان جي خلاف ٿيندڙ تازي حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته بيروت ۾ اسرائيل جي فوجي جارحيت لبنان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي سنگين خلاف ورزي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته شهري علائقن تي اهو حملو عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي کليل خلاف ورزي آهي. هن چيو ته پاڪستان لبنان جي عوام سان يڪجهتي سان گڏ بيٺل آهي ۽ ان جي امن ۽ سلامتي سان رهڻ ۽ ان جي خودمختياري جي حق جي حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو. ترجمان چيو ته خودمختياري رياستن جي اندر ماڻهن کي نشانو بڻائڻ عالمي قانون ۽ عالمي اصولن جي خلاف ورزي آهي، اهو انڌاڌنڌ ۽ وڌندڙ اسرائيلي جارحيت جو هڪ ٻيو مظاهرو آهي جيڪو علائقائي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي کي نقصان پهچائڻ جي لاءِ مسلسل ج??ري آهي. هن چيو ته خطي ۾ اسرائيل جون تازه ترين ڪارروايون خطرناڪ آهن جيڪي وچ اوڀر ۾منصفاڻي ۽ پائيدار امن حاصل ڪرڻ جي ڪوششن کي نقصان پهچائي رهيون آهن، اسرائيل کي ان جي ڪاررواين جو جوابده ٿي?? گهرجي، اسرائيل جي غيرملڪي ڪاررواين علائقائي سلامتي کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. ترجمان چيو ته اسرائيل جي حامين کي گهرجي ته اهي خطي جي ملڪن جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي خلاف ورزي جي خاتمي جي لاءِ اسرائيل تي پنهنجو اثررسوخ استعمال ڪن. هن چيو ته تهران ۾ حماس جي سياسي بيورو جي سربراهه اسماعيل ها??يه جو قتل اڳ ۾ ئي غيرمستحڪم خطي ۾ خطرناڪ ڇڪتاڻ جو هڪ عمل آهي جنهن سان امن جي ڪوششن کي نقصان پهتو آهي. ترجمان چيو ته اسان ان جي گهرڀاتين ۽ ف??سط??ني عوام سان تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا، ان جي قاتلن جو گهيراءُ ٿي?? گهرجي. هن چيو ته اسرائيل آڪٽوبر 2023ع کان ف??سط??ني عوام جي خلاف دهشتگردي جي مهم شروع ڪري رکي آهي، اسان گڏيل قومن کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها عالمي قانون جي پاسداري ڪري ۽ غزه جي ماڻهن جي نسل ڪشيءَ جو خاتمو ڪري. ترجمان چيو ته پاڪستان ف??سط??ني عوام جي فتح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جي حق کي حاصل ڪر??، ان جي ف??سط??ن ۾ واپسي جي حق ۽ القدس الشريف کي ان جي گادي وارو شهر هجڻ سان گڏ ف??سط??ن جي هڪ آزاد رياست قائم ڪرڻ جي حمايت جو پڻ ورجاءُ ڪري ٿو.
پاڪستان پاران خطي ۾ اسرائيل جي مسلسل مهم جوئي ۽ لبنان جي خلاف ٿيندڙ تازي حملي جي شديد مذمت
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کے نتائج