اسلام آباد – 30 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عوامي جمهوريه بنگلاديش جي حڪ??مت جي چيف ايڊوائيزر پروفيسر محمد يونس سان ٽيليفون تي بنگلاديش ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي تي بنگلاديش جي حڪ??مت ۽ عوام سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ عوامي جمهوريه بنگلاديش جي حڪ??مت جي چيف ايڊوائيزر پروفيسر محمد يونس ٽيليفون تي خيالن جي ڏي ??ٺ ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف پروفيسر محمد يونس کي چيف ايڊوائيزر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ بنگلاديش جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ سندس ڪردار کي ساراهيو. هن بنگلاديش ۾ تازي ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي تي بنگلاديش جي حڪ??مت ۽ عوام سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو. وزيراعظم مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ذريعي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ تاريخي، مذهبي ۽ ثقافتي رشتن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري لاڳاپن، ثقافتي مٽاسٽا ۽ عوام جي وچ ۾ رابطن کي فروغ ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته پاڪستان ۽ بنگلاديش جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي جي ??ا??ِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ اتفاق ڪيو ته وسيع تر علائقائي تعاون ڏکڻ ايشيا جي ??اڻهن جي زندگين کي بهتر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. پروفيسر محمد يونس ٽيليفون ڪرڻ تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.
وزيراعظم جو بنگلاديش جي حڪومت جي چيف ايڊوائيزر پروفيسر محمد يونس سان بنگلاديش ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي تي همدرديءَ جو اظهار
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج