اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ قزاخستان جي وچ ۾ وا??ار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ ۽ علائقائي رابطن ۽ سلامتي جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته زراعت ۽ وا??ار جي گڏيل ورڪنگ گروپس جو اجلاس جلد گهرايو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان شنگهائي تعاون تنظيم ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ (سي ايڇ جي) اجلاس جي موقعي تي جمهوريه قزاخستان جي وزيراعظم اولزاس بيڪ تينوف ملاقات ڪئي. شنگهائي تعاون تنظيم ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ اجلاس ۾ قزاخستان جي شرڪت جي آجيان ڪندي وزيراعظم شنگهائي تعاون تنظيم جي اصولن ۽ مقصدن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ تنظيم جي سمورن ميمبر ملڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
ان سلسلي ۾ وزيراعظم هن سال جولاءِ ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ملڪي ??رب??اهن جي اجلاس جي لاءِ آستانه جي دوري جو ذڪر ڪيو ۽ شنگهائي تعاون تنظيم جي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۾ قزاخستان جي تعاون ۽ ڪردا?? کي ساراهيو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهترين ٻطرفن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وا??ار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ ۽ علائقائي رابطن ۽ سلامتي جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم ٻطرفي حصيداري جي اداراجاتي مڪينزم جي ذريعي باقاعده ۽ اعليٰ سطح جي رابطن کي برقرار رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم زراعت ۽ وا??ار جي گڏيل روڪنگ گروپس جو اجلاس جلد گهرائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. قزاخستان جي وزيراعظم پاڪستان ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ??رب??اهي اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي وزيراعظم کي مبارڪباد ڏني ۽ شنگهائي تعاون تنظيم جي ??رب??اهه جي طور تي پاڪستان جي مثبت ڪردا?? کي ساراهيو. هن علائقائي رابطن، وا??ار ۽ ترقي کي وڌائڻ جي لاءِ قزاخستان جي بطور شنگهائي تعاون تنظيم جي ميم??ر ۽ ٻطرفي طور تي پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته قزاخستان پاڪستان کي ڏکڻ ايشيا ۾ هڪ وڏي وا??اري حصيدار جي طور تي ڏسي ٿو. ٻنهي ڌرين مستقبل ۾ ٻطرفو وا??ار وڌائڻ جي حوالي سان گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.