دوحه ??? 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني سان گڏ قطر ميوزيم ۾ منظر آرٽ گيلري جو دورو ڪيو جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته قطر ميوزيم ۾ پاڪس??ان?? فن پارن تي ٻڌل منظر آرٽ گيلري جو قيام ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سماجي ۽ ڀائيچاري جي مضبوط لاڳاپن جي عڪاسي ڪري ٿو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ قطر جي امير اعليٰ سطحي وفدن ۽ ٻطرفي م??اق??ت کانپوءِ هڪ ئي گاڏي ۾ ديوان امير کان قطر ميوزيم تائين جو سفر طئي ڪيو. قطر جي امير وزيراعظم محمد شهباز شريف کي پاڻ پاڪس??ان?? فن پارن جي نمائش ”منظر“ جو دورو ڪرايو، ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن جي وچ ۾ غيرروايتي گرمجوشي ڏسڻ ۾ آئي، قطر جي امير ۽ سندس ڀيڻ ۽ قطر ميوزيم جي چيئرپرسن شيخه المياسه بنت حمد بن خليفه الثاني غيررسمي ۽ پنهنجائپ واري ماحول ۾ وزيراعظم کي نمائش ۾ موجود فن پارا ڏيکاريا ۽ نمائش جي منتظمين ۽ پاڪس??ان?? فنڪارن سان تعارف ڪرايو. وزيراعظم قطر جي امير ۽ سندس ڀيڻ جو منظر آرٽ گيلري جي انعقاد ۽ پاڪس??ان?? فنڪارن جي پذيرائي تي سندس ٿورا مڃيا. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ان نمائش جو انعقاد پوري پاڪس??ان?? قوم جي لاءِ فخر جوڳو آهي، قطر ميوزيم ۾ پاڪس??ان?? فن پارن تي ٻڌل منظر آرٽ گيلري جو قيام قطر ۽ پاڪستان جي وچ ۾ سماجي ۽ ڀائيچاري جي مضبوط لاڳاپن جي عڪاسي ڪري ٿو. وزيراعظم دوري ۾ ناليواري پاڪس??ان?? معمار نيئر علي دادا، پاڪس??ان?? مصورن، فوٽوگرافر، خطاط ۽ ٻين فنڪارن سان م??اق??ت ڪئي. نمائش ۾ 1940ع کان وٺي هيستائين جي پاڪس??ان?? مصوري، فوٽوگرافي، مجسما ۽ ٻيا فن پارا شامل آهن. نمائش ۾ شاڪر علي، صادق??ن، گل جي، زبيده آغا، ڪامل خان ممتاز، ??يئر علي دادا ۽ ڪيترن ئي پاڪس??ان?? فنڪارن جي فن پارن جي نمائش ڪئي وئي.
وزيراعظم پاران قطر جي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني سان گڏ قطر ميوزيم ۾ منظر آرٽ گيلري جو دورو
مضمون کا ماخذ : estatisticas para ganhar na loteria