لاهور – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش??باز شريف چيو آهي ته پاڪ بحريه هر طرح جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي، بليو اڪانومي سان ئي اسان جي ترقي ۽ خوشحالي ممڪن آهي، پاڪستان دهشتگردي جي ڪري وڏي قيمت ادا ڪري رهيو آهي، حڪومت ۽ پاڪ فوج دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان نيوي وار ڪاليج ۾ ستين ميري ٽائيم سيڪيورٽي ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم محمد ش??باز شريف چ??و ته پاڪ بحريه هر قسم جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي، پاڪ بحريه جا بهادر آفيسر ۽ ??وا?? پاڪستان جي سامونڊي حدن جو تحفظ يقيني بڻائي رهيا آهن، پاڪ بحريه سامونڊي وسيلن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، دوست ملڪ چين پڻ سامونڊي شعبي ۾ ڀرپور تعاون فراهم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. وزيراعظم چ??و ته 2018ع ۾ اسان ملڪ مان دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ڪري ڇڏيو هو، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اسان جا 80 هزار ماڻهو شهيد ۽ ملڪي معيشت کي 3 ارب ڊالر جو نقصان ٿيو، پاڪستان دهشتگردي جي ڪري وڏي قيمت ادا ڪري رهيو آهي، اسان جا آفيسر ۽ ??وا?? ??نه??جي عوام جي محفوظ مستقبل جي لاءِ جانين جا نذرانا ڏئي رهيا آهن، پاڪستان جي لکين ٻارن کي بچائڻ جي لاءِ انهن جا ٻار يتيم ٿي رهيا آهن. هن چ??و ته حڪومت ۽ پاڪ فوج دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ پرعزم آهن، بدقسمتي سان دهشتگردي جي ناسور هاڻي ٻيهر ڪَر کنيو آهي، جيستائين دهشتگردي جي ناسور جو خاتمو نه ٿا ڪري وٺون سُک سان نه ويهنداسين، دهشتگردي جي ناسور جي خاتمي لاءِ اسان جو عزم پختو آهي. شهباز شريف چ??و ته مون هلندڙ سال جولاءِ ۾ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جو دورو ڪيو، ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جو ڪم ريئل اسٽيٽ جو نه آهي پر بزنس ۾ ماڻهن کي ڪاروبار جي لاءِ سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائڻ آهي، ڪراچي پورٽ ٽرسٽ کي جديد ٽيڪنالاجي جي ذريعي تيز ترين لوڊنگ ۽ اَن لوڊنگ تي ڌيان ڏيڻو پوندو. هن چ??و ته ڀائر ملڪ سعودي عرب هڪ سال جي لاءِ ٽي ارب ڊالر قرض جي ادائيگي ۾ توسيع ڪئي آهي. هن چ??و ته پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالامال ۽ صلاحيتن سان ڀرپور ملڪ آهي، پاڪستان ۾ بي پناهه ٽيلينٽ موجود آهي، اسان کي ??نه??جي ڪوششن کي گڏ ڪري هڪ ٿي قدم کڻڻا پوندا، اسان کي ??نه??جي حقيقي ڪم تي ڌيان ڏيڻو آهي، پاڪستان قائم ڪرڻ جي لاءِ اسان جي ابن ڏاڏن وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، اسان کي ماضي جي غلطين مان سبق سکي اڳتي وڌڻو آهي. هن چ??و ته ملڪ ۾ امن امان کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان ايپڪس ڪميٽي جا ڪيترائي اجلاس ٿيا آهن ته جيئن پاڪستان حڪومت، فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏجي پختو عزم ڪري دهشتگردي جي لعنت جي خلاف جنگ وڙهي سگهي، اسان ملڪ ۾ فول پروف سيڪيورٽي چاهيون ٿا ته جيئن ماڻهو ??نه??جي صلاحيتن مان ڀرپور فائدو کڻي سگهن ته جيئن ٻاهريان سيڙپڪار پاڪستان ۾ ماحول کي سازگار ڏسي سيڙپڪاري ڪن. هن چ??و ته اڄ جي دور ۾ بليو اڪانومي کي مرڪزي حيثيت حاصل آهي، بليو اڪانومي سان ئي اسان جي ترقي ۽ خوشحالي ممڪن آهي، هي وقت آهي ته اسان ان تي ڌيان ڏيون ۽ حڪومت ان جي لاءِ هر قسم جي معاونت فراهم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. وزيراعظم چ??و ته گوادر بندرگاهه هڪ مرڪزي حيثيت رکي ٿي، ان کي بهترين ڪمرشل بندرگاهه بڻائڻ سان گڏوگڏ پاڪستان جي اسڪلز ۽ جهاز سازي کي فروغ ڏئي سگهجي ٿو، بدقسمتي سان ماضي ۾ ان مقصد کي هٿي نه ملي سگهي ۽ اسان سڀني کي ان جي سببن جي خبر آهي. ان کان اڳ چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف پاڪستان نيوي وار ڪاليج اچڻ تي وزيراعظم جو استقبال ڪيو. ڪمانڊنٽ پاڪستان نيوي وار ڪاليج ريئر ايڊمرل اظهر محمود ورڪشاپ دوران مختلف سرگرمين جو خلاصو بيان ڪيو. ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن پاران ملڪي ميري ٽائيم سيڪٽر ۾ بهتري جي لاءِ اهم تجويزون پيش ڪيون ويون. ميري ٽائيم سيڪيورٽي ورڪشاپ جو مقصد ساموندي سلامتي ۽ ميري ٽائيم اڪانومي بابت شعور پيدا ڪرڻ آهي. ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن ۾ پارليامينٽ ميمبر، سياستدان، بيوروڪريٽس، هٿياربند فوج جا آفيسر، ميڊيا ۽ سول سوسائٽي جا نمائندا شريڪ هئا.
پاڪ بحريه هر طرح جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي، بليو اڪانومي سان ئي اسان جي ترقي ۽ خوشحالي ممڪن آهي، پاڪستان دهشتگردي جي ڪري وڏي قيمت ادا ڪري رهيو آهي، حڪومت ۽ پاڪ فوج دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : bolão lotomania