اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جي قومي ڏينهن تي پاڪستاني حڪومت ۽ عوام پاران قطر جي امير کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي وڏي گنجائش موجود آهي، پاڪستان مان آءِ ٽي ۽ مصنوعي ذهانت جي شعبن ۾ تربيت يافته نوجوانن کي قطر موڪلينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن قطر جي قومي ڏينه?? جي مناسبت سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته قطر جي قومي ڏينه?? جي تقريب ۾ شرڪت تي خوشي ٿي آهي، قومي ڏينهن تي حڪومت ۽ عوام پاران قطر جي امير کي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۽ قطر دوستي جي رشتي ۾ ٻڌل آهن، شيخ تميم بن حمد الثاني جي دورانديش قيادت ۾ قطر نمايان ترقي ??ئي?? قطر ۾ فٽ بال ورلڊ ڪپ جو ڪامياب انعقاد ان جو بهترين مثال آهي. هن چيو ته قطر جي تازي دوري دوران دوحه ۾ نمائش جو افتتاح ڪيو، نمائش جي سرپرستي جي لاءِ پنهنجي ڀيڻ شيخه المياسه جي ڪوششن ۽ قطر جي امير جو ٿورائتو آهيان، نمائش ۾ پاڪستا?? جي ثقافت جا رنگ نمايان هئا. هن چيو ته قطر جو امير پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي رکي ٿو، قطر جي امير جي پاڪستا?? جي دوري جا منتظر آهيون. هن چيو ته قطر ۽ پاڪستان جا اقتصادي لاڳاپا هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ مضبوط ٿي رهيا آهن، پاڪستان قطر ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي وڏي گنجائش موجود آهي، پاڪستان مان آءِ ٽي ۽ مصنوعي ذهانت جي شعبن ۾ تربيت يافته نوجوانن کي قطر موڪلينداسين. هن چيو ته پاڪستانين جو قطر ۾ آءِ ٽي، تعميرات ۽ فارماسيوٽيڪل سميت مختلف شعب?? جي ترقي ۾ اهم ڪردار آهي. هن چيو ته لبناني وزيراعظم کي شام مان پاڪستاني?? جي انخلا جي لاءِ تعاو?? جي درخواست ڪئي آهي، پاڪستاني?? جي شام مان حفاظت سان انخلا يقيني بڻائينداسين. ان موقعي تي قطر جي قومي ڏينه?? جي مناسبت سان ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو.
وزيراعظم پاران قطر جي قومي ڏينهن تي پاڪستاني حڪومت ۽ عوام پاران قطر جي امير کي مبارڪون، پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي وڏي گنجائش موجود آهي: محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : گنہادورس دا میگا سینا