اسلام آباد – 10 – ڊسمبر (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف جي نمائندگي ڪندي سينيٽ ۾ پارلياماني پارٽي اڳواڻ سينيٽر عرفان صديقي پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳوڻي سيڪريٽري اطلاعات صديق الفار??ق جي گهر ويو ۽ وزير??عظ?? پاران صديق الفار??ق جي عيادت ڪئي. سينيٽر عرفان صديقي وزير??عظ?? محمد شهباز شريف پاران صديق الفاروق کي گلدستو پيش ڪندي چيو ته وزير??عظ?? کي توهان جي صحت جي حوالي سان ڳڻتي آهي ۽ هن ان سلسلي ۾ توهان جي علاج جي لاءِ هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزير??عظ?? دعا ڪئي ته الله تعاليٰ توهان کي جلد مڪمل صحت سان نوازي ۽ توهان اڳ وانگر مسلم ليگ (ن) جي لاءِ متحرڪ ڪردار ادا ڪريو. سينيٽر عرفان صديقي صديق الفار??ق جي گهرواريءَ ۽ ڌيءَ کي چيو ته اهي صديق الفار??ق جي صحت جي حوالي سان آگاهه رکن ۽ ڪنهن به خدمت جي ضرورت هجي ته رابطو ڪن. صديق الفاروق وزير??عظ?? پاران ني?? خواهشن ۽ صحت جي لاءِ دعائن تي ٿورا مڃيندي چيو ته منهنجي پاران وزير??عظ?? محمد شهباز شريف کي مبارڪ پيش ڪريو ته هن انتهائي مشڪل حالتن ۾ قوم جي ٻيڙي کي سنڀاليو آهي ۽ اڻٿڪ محنت جي ذريعي پاڪستان جي معيشت کي بهتري جي راهه تي گامزن ڪيو آهي. هن سينيٽر عرفان صديقي جي اچڻ تي پڻ ٿورا مڃيا.
سينيٽر عرفان صديقي پاران صديق الفاروق جي عيادت
مضمون کا ماخذ : الوہا کلسٹر ادائیگی کرتا ہے۔