اسلام آباد-09 جنوري (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان موٽر ويز تي پيٽرولنگ وڌائڻ ۽ سيڪيورٽي سخت ڪرڻ جو ٽاسڪ سونپيندي موٽر ويز تي سيڪيورٽي ۽ سرويلنس لاءِ ??وٽر بائيڪ سروس جو پائليٽ پراجيڪٽ شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. مواصلات واري وزارت طرفان جار?? بيان موجب وفاقي وزير عبدالعليم آءِ جي موٽر ويز پوليس کي پيٽرولنگ وڌائڻ ۽ سيڪيورٽي سخت ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو آهي. وفاقي وزير هدايت ڪئي ته موٽر وي تي هڪ ئي وقت 30 کان 35 موٽربائيڪس کي مختلف سيڪٽرز ۾ پيٽرولنگ ڪندي رهڻ گهرجي. هن چيو ته پهرين مرحلي ۾ موٽر وي پوليس پنهنجي وسيلن مان بائيڪ سروس شروع ڪري جنهن ۾ وڌيڪ اضافو ڪنداسين. وفاقي وزير چيو ته نيشنل هاءِ ??ي اٿارٽي، موٽر وي پوليس، فرنٽيئر ورڪس آرگنائيزيشن (ايف ڊبليو او) ۽ ضلعي پوليس گڏيل قدمن کي يقيني بڻائي. مواصلات واري وفاقي وزير چيو ته موٽر وي جي پاسن کان حفاظتي بن?? جي تار جي چوري جي روڪٿام لاءِ ??وثر حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي. وفاقي وزير موٽر وي پوليس جي اختيارن لاءِ ??انونسازي ۾ ترميم جي تجويز پيش ڪئي.هن چيو ته شهرين جي حفاظت لاءِ ??وٽر وي پوليس کي وڌ کان وڌ ذميواري وٺڻي پوندي. هن هدايت ڪئي ته اهڙو ميڪنزم اختيار ڪيو وڃي ته موٽر وي تي سفر کي وڌ کان وڌ محفوظ بڻائي سگهجي. موٽر وي تي جتي ڏوهه ۽ حفاظتي بن?? جي تار چوري جا واقعا وڌيڪ آهن انهن جي نشاندهي ڪريو. مواصلات واري وفاقي وزير چيو ته جنهن علائقي ۾ حفاظتي بن?? جي تار چوري ٿيندي، ا??ان جو اين ايڇ اي آفيسر ۽ موٽر وي پوليس ذميواري ٿيندي، جن ايرياز ۾ حفاظتي بن?? جي تار ٽٽي چڪي آهي يا چوري ٿي وئي آهي، ا??ي نئين حفاظتي بن?? واري تار جو بن??وبست ڪيو وڃي. وفاقي وزير چيو ته آءِ جي موٽر وي مقامي پوليس سان گڏ حفاظتي بن?? واري تار چوري جي ڪيسن جي مڪمل پيروي کي يقيني بڻائي، وفاقي وزير مواصلات واري سيڪريٽري کي هڪ هفتي ۾ جامع قدمن جي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان پاران موٽر ويز تي پيٽرولنگ وڌائڻ، سيڪيورٽي سخت ڪرڻ ۽ موٽر بائيڪ سروس شروع ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے نتائج