واشنگٽن- 23 جون (اي پي پي) آمريڪا ۾ چيني سفارتخاني چيو آهي ته چين آمريڪي صدر جو??ائيڊن جي ان بيان جو فيصلائتو ??وا?? ڏيندو جنهن ۾ هن چيني صدر شي جن پنگ کي آمر قرار ڏنو هو. روسي خابرو اداري موجب چيني سفارتخاني گذريل ڏينهن بيان ۾ چيو ته چين جي حڪومت ۽ عوام ملڪ جي سپريم ليڊر خلاف ڪنهن به قسم جي سياسي اشتعال انگيز کي برداشت نه ڪندو ۽ ان کي فيصلائتو ??وا?? ڏيندا. بيان ۾ آمريڪا کان مطالبو ڪيوويو ته هو آمريڪي صدر جو??ائيڊن جي لفظن جي ناڪاري نتيجن کي منهن ڏيڻ لاءِ فوري ۽ سنجي??ه قدم کڻي ۽ پنهنجا واعدا پورا ڪري نه ته ٻي صورت ۾ ان کي نتيجا ڀوڳڻا پوندا. چيني سفارتڪارن موجب آمريڪا ۾ چين جي سفير زي فينگ اربع ڏينهن وائيٽ هائوس ۽ پرڏيهي کاتي جي اعليٰ عهديدارن سان صدر جو??ائيڊن جي بيان تي شديد احتجاج ڪيو. بيان ۾ چيو ويو ته آمريڪي صدر جي چيني صدر بابت توهين آميز رمارڪس غلط، غيرذميواراڻا آهن ۽ اها کليل سياسي اشتعال انگيزي آهي. سفارتخاني چيو ته چين واضح طور تي ان کي رد ۽ ان جي سختي سان مخالف?? ڪري ٿو، بيان ۾ چيو ويو ته آمريڪا ط??فا?? چيني صدر جي باري ۾ الزام لڳائڻ بنيادي حقيقتن کان سنگين طور تي ابتڙ سفارتي ادبن ۽ چين جي سياسي وقار جي ڀڃڪڙي، آمريڪا ط??فا?? ڪيل واعدن جي خلاف آهي ۽ گڏيل اعتماد کي خطري ۾ وجهي ٿو.
جوبائيڊن جي صدر شي جن پنگ بابت بيان جو فيصلائتو جواب ڏنو ويندو: چيني سفارتخانو
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کی پیشن گوئی