واشنگٽن-25 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان چيو آهي ته پاڪستاني حڪومت جڙ??نوالا سانحي ۾ ملوث ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، پاڪستاني ڪميونٽي جڙ??نوالا سانحي جي جي زخمن تي مرهم رکڻ ۾ مدد ڪري. هن آمريڪي رياست جارجيا جي گاديءَ واري هنڌ اٽلانٽا جي مسيحي اڳواڻن سان ورچوئل اجلاس دوران چيو ته جڙ??نوالا ۾ 16 آگسٽ تي ٿيل واقعو اسان جي معاشري ۽ اسان ج?? مذهبي تعليم جي ابتڙ آهي. مذهب اسلام انسانيت جي لاءِ امن جو درس ڏئي ٿو. هي اجلاس پاڪستاني آمريڪن فريڊز آف اٽلانٽا ٽيم طرفان منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ گلوريا جوزف، شارون فرحت، سولو مون لوڪ، جوناٿن ميسي، فليويا ڀردواج، ڊيوڊ سيسل ۽ ٻين شرڪت ڪئي. پاڪستان سفير چيو ته اسان جو معاشرو هڪ جامع معاشرو آهي ۽ رهندو. جڙ??نوالا سانحي جي جيتر?? مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي، 16 آگسٽ جو ڏينهن پاڪستان لاءِ ڪارو ڏينهن هو، جڏهن اسان جي معصوم ماڻهن کي تڪليف پهچائي وئي. چرچز ساڙيا ويا. هن نشاندهي ڪئي ته پاڪستان جي قيادت، سول سوسائٽي ۽ سڀن?? مذهبي جماعتن جي سربراهن ان واقعي ج?? مذمت ڪئي آهي. پاڪستاني سفير چيو ته پاڪستاني هڪ معاشري طور گڏ رهن ٿا ۽ مسيحي برادريءَ طرفان پاڪستان جي سماجي اقتصادي ترقيءَ لاءِ تعاون اسان لاءِ فخر جوڳو آهي. هن پاڪ آمريڪن ڪميونٽيءَ کان مطالبو ڪيو ته جڙ??نوالا سانحي جي متاثرن جي ان مشڪل وقت ۾ زخمن تي مرهم رکڻ ۾ مدد ڪن. پاڪستاني سفير ج??انوالا جي متاثرن سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪيو. هن انتهاپسندي جي لهر سان ملڪ کي درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڪميونٽي اڳواڻن سان ڳالهين ۽ رابطي جاري رکڻ جي خاطري ڪرائي.
جڙانوالا سانحي جي متاثرن جي زخمن تي مرهم رکڻ ۾ مدد ڪريو: سفير مسعود خان جي آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي کي اپيل
مضمون کا ماخذ : como ganhar na quina