واشنگٽن-05 آڪٽوبر(اي پي پي) آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان پاڪستان ۾ آمريڪي سفارتي مشنز ۾ مقررين لاءِ چونڊيل امريڪي فارن سروس جي 16 آفيسرن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ عوامي سطح تي رابطن کي هٿي ڏيڻ ۽ مضبوط اقتصادي لاڳاپا هموار ڪرڻ تي زور ڏنو. پاڪستاني سفارتخاني ما?? جاري پريس رليز موجب مسعود خان چيو ته ٻئي ملڪ پنهنجي پراڻن لاڳاپن ۾ هڪٻئي سان گڏ بيٺل آهن. هن فارن سروس انسٽيٽيوٽ ( ايف ايس آءِ) ۾ 32 هفتن جي وقت تي ٻڌل اردو ٻولي جي ڪورس ۽ ثقافت جي تربيت ما?? گذرندڙ آفيسرن کي چيو ته اوهان جي ڪوششن سان ٻنهي ملڪ خاص طور تي پاڪستان ۽ آمريڪا جي عوام کي هڪٻئي جي ويجهو آڻينداسين، پاڪستاني سفير ??ردو ۾ ڳالهائيندي آفيسرن تي زور ڀريو ته هو سفارتڪاري ذريعي گڏيل غلط فهمين ۽ بدگمانين کي ختم ڪن، هن چيو ته ٻئي ملڪ اقتصادي لاڳاپن ۽ سولين شعبن ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، هن چيو ته پاڪستان وٽ اهڙا بي قدرتي وسيلا، ??اگرفيائي بيهڪ ۽ ڀرپور ثقافتي ورثو آهي جنهن کي پوري طرح استعمال ۾ ناهي آندو ويو. هن چيو ته تعليمي شعبي ۾ سهڪار ٻطرفي لاڳاپن جو هڪ اهم حصو ??هي جيڪو پاڪستاني نوجوانن کي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو حصو وجهڻ ۾ مدد ڪري ٿو، ان سلسلي ۾ هن 39 هزار اهڙن اڳوڻن شاگردن جي اهم ڪردار تي روشني وڌي جن آمريڪا ۾ مختلف تعليمي ادارن ما?? تربيت حاصل ڪئي. ان کان اڳ ڊائريڪٽر ايف ايس آءِ سفير ??وآن اي پولاسچڪ پاڪستاني سفير کي اداري جي مختلف تربيتي پروگرامن تي بريف ڪيو.
پاڪستاني سفير جي آمريڪي فارن سروس جي آفيسرن سان ملاقات، گڏيل عوامي رابطن ۽ مضبوط اقتصادي لاڳاپن تي زور
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ٹکٹ