رياض – 16 آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي عرب ۾ غيرقانوني پرڏيهين خلاف ڪم ڪندڙ گڏيل ڪميٽي گذريل هڪ هفتي دوران 16 هزار 790 غير قانوني پرڏيهين کي گرفت??ر ڪري ورتو آهي. سعودي خابرو اداري موجب غيرقانوني پرڏيهين خلاف ڪم ڪندڙ گڏيل ڪميٽي طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آ??ي ته اهي گرفتاريون 4 آڪٽوبر کان 11 آڪٽوبر 2023ع دوران ڪيون ويون آهن. ڪميٽي چيو آ??ي ته گرفتار ٿيلن مان 10177 اقامه قانونن جي ڀڃڪڙي، 4523 گرفتار ٿيل سرحدي قانون جي ڀڃڪڙي ۽ 2090 پرڏيهي ليبر قانون جي خلاف ورزي ۾ ملوث هئا. ان عرصي دوران 709 ماڻهو گرفت??ر ڪيا ويا جيڪي سرحد پ??ر ڪري ملڪ ۾ غيرقانوني طور اچڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. گرفتار ٿيلن مان 63 سيڪڙو يمني، 34 سيڪڙو ايٿوپين ۽ ٽي سيڪڙو ٻين ملڪن ??ا شهري هئا.
مضمون کا ماخذ : estratégias dupla sena