واشنگٽن – 15 آگسٽ (اي پي پي) سعودي عرب جي آئل ڪمپني (آرامڪو) جو صدر ۽ سي اي او امين ناصر هڪ ڀيرو ٻيهر آمريڪي رسالي فوربس جي ٽاپ 100 سي اي اوز جي درجه بندي ۾ پهرين نمبر تي آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق آمريڪي رسالي فوربس جي جاري ڪيل 2024ع جي ف??رس?? هڪ متحرڪ لينڊ اسڪيپ جي عڪاسي ڪري ٿي جنهن ۾ 19 مختلف ملڪن جا ماڻهو شامل آهن. ان ف??رس?? ۾ گڏيل عرب امارت 27 سي اي اوز سان پهرين نمبر تي آهي، ف??رس?? ۾ مصر جا 21 ۽ سعودي عرب جا 14 شهري شامل آهن. انهن ٽنهي ملڪن جو ف??رس?? ۾ حصو 62 سيڪڙو آهي. وچ اوڀر بابت فوربس جي جاري ڪيل ف??رس?? ۾ سعودي آرا??ڪو جو صدر ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر امين حسن الناصر پهرين نمبر تي آهي، ان کانپوءِ ابوظهبي ن??شنل آئل ڪمپني (ادنوڪ) سلطان الجابر ٻئين ۽ ايمريٽس ايئرلائين اينڊ گروپ جو احمد بن سعيد آل مڪتوم ٽئين نمبر تي آهي. ف??رس?? ۾ قط?? انرجي جو سعد بن شريده العبي چوٿين نمبر تي آهي. انٽرنيشنل هولڊنگ ڪمپني جي سيد بصر شعيب هلندڙ سال 4 درجا ترقي ڪئي آهي هو گذريل سال نائين پوزيشن تي هو ۽ هلندڙ سال پنجين نمبر تي اچي ويو آهي. ڪويت پيٽروليم ڪارپوريشن جو نواف ، دبئي پورٽس ورلڊ گروپ جو سلطان احمد بن سليم ستين، نيشنل بينڪ آف ڪويت جو عصام جاسم الصقر اٺين، اي اينڊ گروپ مصر جو حاتم ديودار نائين ج??هن ته ڪيو اين بي گروپ جو عبدالله آل خليفه ڏهين نمبر تي آهي.
سعودي عرب جي آرامڪو ڪمپني جو سربراهه آمريڪي ميگزين جي فهرست ۾ ٽاپ 100 سي اي اوز ۾ پهرين نمبر تي اچي ويو
مضمون کا ماخذ : قسمت کا پہیہ