تل ابيب-13 سيپٽمبر (اي پي ??ي)اسرائيلي ڳجهي اداري جي ايليٽ يونٽ جي سربراهه 7 آڪٽوبر جي حملن کي روڪڻ ۾ ناڪامي تي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق اسرائيلي فوج جاري بيان ۾ چيو ته 8200 يونٽ جي ڪمانڊر بريگيڊيئر جنرل يوسي سيريئل عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جي حوالي سان ڪمانڊرن ۽ پنهن??ي ماتحت آفيسرن کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. بيان مطابق بريگيڊيئر جنرل يو سي سيريئل ويجهي مستقبل ۾ پنهنجو عهدو ڇڏي ڏيندو. اسرائيلي ڳجهي اداري جو انتهائي اهم يونٽ 8200 انٽيليجنس سگنلز ۽ پيغامن ??و مشاهدو ۽ انهن کي ڊي ڪوڊ ڪرڻ جو ڪم ڪندو آهي. اسرائيلي ميڊيا گذريل ڏينهن يو سي سيريئل جي استعيفيٰ جي ڪاپي ??نهنجي اسڪرينز تي ڏيکاري جنهن ۾ هن پنهن??ي مشن ۾ ناڪامي تي معافي گهري آهي.
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری