بيجنگ-31 آڪٽوبر (اي پي پي) چين چيو آهي ته آمر??ڪا پاران تائيوان کي ه??يا?? فراهم ڪ??ڻ سنگين نتيجن جو سبب بڻجندو. پرڏيهي ميڊيا موجب چين جي دفاع واري وزارت جي ترجمان زانگ شياگنگ هڪ بريفنگ ۾ چيو ته آمر??ڪا کي سمجهڻ گهرجي ته تائيوان کي هٿيارن جي فراهمي جا انتهائي سنگين نتيجا نڪرندا. هن چيو ته تائيوان جو مسئلو چين جي بنيادي مفادن ۾ سڀ کان اهم آهي ۽ اهو چين- آمر??ڪا لاڳاپن ۾ پهرين ڳاڙهي لائين جي نمائندگي ڪري ٿو جنهن کي کيس پار نه ڪرڻ گهرجي. هن ٻيٽ لاءِ 2 بلين ڊالرن جي امڪاني هٿيارن کي وِڪري جي پيڪيج جي حوالي سان چيو ته چين آمر??ڪا تي زور ڀري ٿو ته هو تائيوان کي هٿيارن جي فراهمي جي سنگين نتيجن کي چڱيءَ طرح سمجهي ۽ آمر??ڪا پنهنجي دفاعي صنعت کي تقويت ڏيڻ لاءِ تائيوان جو استحصال ڪري رهيو آهي. واضح رهي ته آمريڪي بچاءَ کاتي جي دفاعي سل??متي ڪوآپريشن ايجنسي اعلان ڪيو هو ته پرڏيهي کاتو تائيوان لاءِ تقريبن 2 بلين ڊالرن جي ماليت جي هٿيارن جي پيڪيج جي منظوري ڏني آهي جنهن ۾ نيشنل ايڊوانسڊ سرفيس ٽو ايئر ميزائل سسٽم ۽ ريڊار سسٽم شامل هوندا.
آمريڪا پاران تائيوان کي هٿيار فراهم ڪرڻ سنگين نتيجن جو سبب بڻجندو: چين
مضمون کا ماخذ : ایڈونچر کی کتاب