برسلز-29 آڪٽوبر (اي پي پي) يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن ۽ سيڪيورٽي پاليسي بابت نمائندي جوزف بوريل چيو آ??ي ته وچ اوڀر ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آ??ي ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته اسان پنهنجي انسانيت وڃائي ويٺا آهيون. عرب نيوز موجب هن چيو ته اسان هڪ وڏي باهه جي ڪناري تي زندگي گذاري رهيا آهيون، ??يستائين غزه ۽ لبنان ۾ جنگ جاري رهندي اسان هڪ چڻنگ جي ڪناري تي ئي رهنداسين، ??يڪا هڪ وڏي باهه جو سبب بڻجندي. هن چيو ته جيئن ته گڏيل قومن پاران نشاندهي ڪئي وئي آ??ي ته ٻئي عالمي جنگ کانپوءِ شديد ۽ سنگين تر??ن انساني بحران غزه ۾ آيو آ??ي. وچ اوڀر ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آ??ي ان مان ظاهر ٿي رهيو آ??ي ته اسان انسانيت وڃائي ويٺا آهيون. يورپي يونين جي نمائندي نوٽ ڪيو ته هر ڪنهن کي اهو خدشو آ??ي ته اسرائيل ايران جي ايٽمي يا تيل ٺڪاڻن تي حملو ڪندو. هن وچ اوڀر ۾ ويڙهه کي روڪڻ لاءِ مجبوري قدم لاڳو ڪرڻ جي اپيل ڪئي. هن چيو ته يورپي يونين جو هر ملڪ اسرائيل کي هٿيارن جو وڪرو روڪڻ بابت پنهنجو فيصلو پاڻ ڪندو. اهو ڪو گڏيل فيصلو نه هوندو. هر ملڪ ڪنهن شيءِ جي مناسب هجڻ جو فيصلو ڪندوآهي ۽ مان ان کي ڪو به ڪم ڪرڻ کان نٿو روڪي سگهان ۽ نه ڪجهه ڪرڻ جي سفارش ڪري سگهان ٿو. اسپين، ??ٽلي يا فرانس هٿيارن جو وڪرو ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آ??ي. پر ٻين ملڪن جرمني جي مثال وانگر عسڪري امداد کي تقويت ڏئي رهيا آهن، مطلب اتي ڪو به گڏيل لائحه عمل ناهي.
غزه ۽ لبنان ۾ جاري جنگ هڪ وڏي باهه جو سبب بڻجندي: يورپي يونين
مضمون کا ماخذ : لیپریچون کی خوش قسمتی۔