ابوظهبي-09 جنوري (اي پي پي) گڏيل عرب امارتن جي حڪومت 19 ماڻهن ۽ ادارن کي دهشتگردن جي مقامي فهرست ۾ شامل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب گڏيل عرب امارتن اخوان المسلمين سان تعلق رکندڙ 19 ماڻهن ۽ ادارن کي پنهنجي مقامي دهشتگرد فهرست ۾ شامل ڪرڻ جو فيص??و ڪيو آهي. هي فيص??و ڪابينه جي قرارداد نمبر (1) 2025ع تحت ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ 11 ماڻهن ۽ 8 ادارن کي دهشتگرديءَ جي مدد ڪندڙ ماڻهن ۽ تنظيمن جي منظور ٿيل ف??رست مقامي دهشتگرد فهرست ۾ شامل ڪ??و ويو آهي. هي قدم يو اي اي جي قانونن ۽ ضابطن موجب ڪيو ويو آهي. هي قدم يو اي اي جي دهشتگرديءَ جي مالي معاونت ۽ ان بابت سڌيءَ ريت يا اڻ سڌيءَ ريت سرگرمين کي نشانو بڻائڻ ۽ ختم ڪرڻ جي جاري ڪوششن جو حصو آهي. هي قرارداد لاڳو ڪرڻ لاءِ مالياتي ادارن ۽ ريگيوليٽري ادارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي يو اي اي جي قانونن ۽ ضابطن موجب ضروري قدم کڻن، جيڪي ماڻهو دهشتگردن جي مقامي فهرست ۾ شامل ڪ??ا ويا آهن انهن ۾ اڪثر يو اي اي جا ش??ري آهن جن ۾ ڪجهه ٻٽي شهريت رکندڙ آهن جڏهن ته جن ڪمپنين کي ان فهرست ۾ شامل ڪ??و ويو آهي اهي سموريون برطانوي آهن.
گڏيل عرب امارتن پاران 19 ماڻهن ۽ ادارن کي دهشتگردن جي مقامي فهرست ۾ شامل ڪرڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : apostas lotomania