اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چي?? آهي ته عمران خان ڪوڙ ۽ احتجاجي سياست سان ع??ال?? ۾ ڪيس نٿو کٽي سگهي، سندس وڪيل دليل ڏئي چڪا آهن پر ڪاغذن جو هڪ ٽڪرو به اڃان ثبوت طور پيش نه ڪري سگهيا، خان صاحب اڄ مريم نواز جي نالي کي بار بار ورجائيندو رهيو، تمام جلد هاڻي هي نعرا به هڻندا، عمران خان جي وڪيلن ع??ال?? ۾ اسان جي ڏنل دستاويزن تي پنهنجو ڪيس وڙهيو، پي ٽي آءِ جي ڪوڙ ۽ تڪراري سياسي بيانن تي وزيراعظم ته ڇا ڪنهن اسيمبلي ميمبر کي به ڊي سيٽ نٿو ڪري سگهجي، عمران خان کي وري مبارڪ هجي نارووال ۾ هيلٿ ڪيئر جو پروگرام ش??وع ڪيو ويو آهي، پاناما پيرز سان وزيراعظم جو ڪوبه تعلق نه آهي. جمعي ڏينهن سپريم ڪورٽ ۾ پاناما پيپرز جي ٻڌڻي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چي?? ته عمران خان کي ع??ال?? کان ٻاه?? ڪيس وڙهڻ جي عادت آهي، ان ڪيس کانپوءِ عمران خان کي سبق ملي ويندو ته ع??ال?? ۾ ڪيس ڪيئن وڙهيو ويندو آهي، هن چي?? ته ع??ال?? ۾ جيترا به ثبوت ۽ دستاويز پيش ٿيا اهي اسان ڏنا، احتساب جونعرو لڳائيندڙن کان پڇو ته خيبرپختونخوا ۾ احتساب ڪميشن جو ڇا ٿيو، مملڪتي وزير چي?? ته سپريم ڪورٽ ۾ اڃان اسان جي پهرين وڪيل دليل شروع ڪيا آهن اڃان وڌيڪ وڪيل موجود آهن جيڪي پنهنجا دليل ڏيندا.
عمران خان ڪوڙ ۽ احتجاجي سياست سان عدالت ۾ ڪيس نٿو کٽي سگهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : جیک اور بین اسٹالک