اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تا??يخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر چيو آهي ته نگران حڪومت پنهنجي آئيني مدت جي دوران توانائي، صحت، تعليم، معيشت سميت هر شعبي ۾ درپيش چئلينجز ۽ انهن جي حل لاءِ مت??از?? گائيڊ لائينون تيار ڪري ورتيون آهن جيڪي نئين چونڊيل حڪومت جي حوالي ڪيون وينديون. هو لوڪ ورثا ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ذيلي اداري ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز (ڊيمپ) جي اهتمام هيٺ پاڪستان جي تا??يخ جي حوالي سان تصويري نمائش جي افتتاحي تقريب کي خطاب ۽ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو، ڊي جي ڊيمپ ??ردار عبدالواحد، ڊي جي لوڪ ورثه سميت اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جا عملدار به تقريب ۾ موجود هئا. اطلاعات ۽ نشريات واري وزير بئريسٽر سيد علي ظفر ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز طرفان پاڪستان تا??يخ جي حوالي سان تاريخي نمائش جي انعقاد کي ساراهيندي چيو ته هڪ تاريخي نمائش جو انعقاد ڪيو ويو آهي هي نمائس ڇهه ڏينهن تائين جاري رهندي.
درپيش چئلينجز ۽ انهن جي حل لاءِ گائيڊ لائين تيار ڪري ورتي آهي: سيد علي ظفر
مضمون کا ماخذ : quina acumulada