اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پنهنجي طاقتور طبقي کي قانون جي تابع ۽ احساس، پناهگاهن ۽ صحت ڪارڊ جهڙن منصوبن جي ذريعي اڄ پاڪستان ٻيهر منزل حاصل ڪرڻ جي سفر تي هلي نڪتو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته 15 سئو سال اڳ اسان جي نبي پاڪ ?? مديني جي پهرين فلاح?? رياست جو بنياد وڌو جنهن جي عمارت ق??نون جي بالادستي، اهليت جي قدر ۽ رحم ۽ برداشت تي هموار ڪئي وئي ۽ جنهن ۾ علم حاصل ڪرڻ کي مقدس فرض قرار ڏنو ويو ان طرح ٻن ئي ڏها??ن ۾ مسلمان ايندڙ ڪيترن ئي صدين لاءِ عظيم ترين تهذيب رکندڙ بڻجي ويا. وزيراعظم چيو ته جڏهن مسلمان ان رهنما اصولن تان دستبردار ٿي ويا ته انهن جي تهذيب ڪمزور ٿي وکري وئي.
مضمون کا ماخذ : پاور بال انعامات