جده – 08 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان ملاقات ٿي آهي ج??هن ۾ ان جي ڪابينا جا اهم ميمبر پڻ م??جو?? هئا، منهنجي سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان آل سعود سان پڻ ويهڪ ٿي آهي. وزيراعظم عمران خان ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي وچ ۾ هڪ مفاهمتي ياداشت تي صحيحون ٿيون جنهن سان سعودي ع??ب ۽ پاڪستان جي وچ ۾ هڪ اعليٰ سط??ي ڪوآرڊينيشن ڪائونسل قائم ڪئي ويندي. سعودي ع??ب پاڪستان کي سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ مان 500 ملين ڊالر جي رقم فراهم ڪندو. سعودي ع??ب کي ايندڙ 10 سالن دوران 10 ملين افرادي قوت گهربل هوندي، ان گهربل ورڪ فورس جو وڌيڪ حصو پاڪستان مان کنيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار پرڏيهي وزير جده ۾ وزيراعظم جي سعودي ع??ب جي دوري ج?? حوالي سان خصو??ي ميڊيا ٽاڪ دوران ڪيو.
مضمون کا ماخذ : loteria Ceará