اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) آزاد حڪومت رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم سردار تنوير ال??اس خان استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڄيو آهي ته تحريڪ آزادي ڪشمير جي ڏس ۾ 5 آگسٽ اهو ڪارو ڏي??هن آهي جڏهن ڀارت جي قابض ۽ غاصب حڪومت والاريل ڪشمير جي رياست جي عوام جي منشا جي ابتڙ ڄمون ۽ ڪشمير کي مليل خصوصي حيثيت 370 ۽ 35 اي کي هڪ ناقابل قبول فرمان ذريعي ختم ڪري ڄمون ۽ ڪشمير کي ڀارت جي يونين ٽيريٽري بڻائي ڇڏيو، 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت جيڪي قدم کنيا ۽ ج??هن جو اطلاق هن ان کانپوءِ ڪيو اهي بنيادي طور تي ڪشميرين کان ا??هن جي سڃاڻپ، ا??هن جي زبان، ا??هن جي تهذيب، ا??هن جي رهڻي ڪهڻي کسڻ جو هڪ ڪ??و منصوبو آهي. هن چيو ته رياست ڄمون ۽ڪشمير جي اندر رهندڙ مسلمان، هندو، سک، ٻڌمت ڀ قومون ان سازش کان باخبر ٿي چڪيون آهن ته ڪهڙي طرح ا??هن جي زمينن تي قبضو ڪرڻ ۽ ا??هن کي پنهنجي ئي ملڪ جي اندر ٻئي درجي جو شهري بڻايو آهي. هن چيو ته ڀارتي وزيراعظم مودي هندوتوا جي انتهاپسنداڻي نظريي تي عمل پيرا آهي، ان جي ان قدم سان خطي ۾ امن ??ي ڪوششن کي نقصان پهتو آهي ۽ بدامني کي هوا ملي آهي. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چيو ته آئون گڏيل قومن ??اص طور تي پي 5 ملڪن کي درخواست ڪريان ٿو ته اهي ان ۾ مداخلت ڪن ۽ ڀارت کي روڪين، شق 370 ڪشميرين جي لاءِ ڪا اهميت نه ٿي رکي پر 35 اي جيڪو 1927ع جي قانون آئي ايل 84 تحت ڪشميرين کي ا??هن جي سڃاڻپ ڏني هئي، ان جي بحالي لاءِ ڪشميرين کي ان وقت تائين پنهنجي جدوجهد جاري رکڻ گهرجي جيستائين ڪشميرين کي گڏيل قومن ??ي قراردادن تحت ا??هن جي خودمختياري جو حق نه ٿو ملي وڃي، ج??هن تحت ڪشميري پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪري سگهن.
5 آگسٽ اهو ڪارو ڏينهن آهي جڏهن ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير کي ڀارت جي يونين ٽيريٽري بڻائي ڇڏيو: سردار تنوير الياس
مضمون کا ماخذ : شمال کے ڈریگن