گابڪوچ – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف گلگت بلتستان جي دوري دوران جمعي ڏينهن غذر ضلعي ۾ ٻوڏ کان متاثر ٿيندڙ خصوصي صلاحيتون رکندڙ هڪ اهڙي ٻارڙيءَ سان ملاقات ڪئي، جنهن تازي ٻوڏ دوران پنهنجي ماءُ، 6 ڀينرن ۽ ڏاڏيءَ کي وڃائي ڇڏ??و. ??زيرا??ظم ٻارڙيءَ جي مٿي تي شفقت جو هٿ رکيو ۽ ٻارڙي جي والد کي ڳلي لڳائي تعزيت ۽ افسوس جو اظهار ڪ??و. ??زيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب ??زيرا??ظم ٻارڙيءَ سان ڳالهه ٻولهه ۾ چيو ته توهان جي ڏک کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ ممڪن نه آهي، ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ پوري قوم توهان سان گڏ بيٺل آهي. وزيرا??ظم غذر ۾ ٻوڏ متاثرين سان پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ بار بار ٻارڙي جي ڏک ۽ ڪرڀ جو ذڪر ڪيو. ان موقعي تي وزيرا??ظم ٻارڙي جي تعليم ۽ علاج جي لاءِ 50 لک رپين جي رقم جو اعلان ڪيو ۽ ه??ايت ڪئي ته ٻارڙيءَ جي نالي تي اينڊومنٽ فنڊ قائم ڪيو وڃي. وزيرا??ظم هدايت ڪئي ته ٻارڙي جي علاج لاءِ هر ممڪن وسيلا استعمال ۾ آندا وڃن.
وزيراعظم جي غذر ۾ ٻوڏ متاثر خصوصي صلاحيتون رکندڙ ٻارڙيءَ سان ملاقات، تعليم ۽ علاج جي لاءِ 50 لک رپين جي رقم جو اعلان، ٻارڙيءَ جي نالي تي اينڊومنٽ فنڊ قائم ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نمبر