اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر جي گهرواريءَ بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته اها اسان جي گڏيل اخلاقي ۽ سماجي ذميواري آهي ته اسان خصوص?? ماڻهن جي مرڪزي ڌارا ۾ شموليت ۽ انهن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻون، معاشري ۾ انهن جي خلاف امتيازي سلوڪ جي حوصلا شڪني ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (ڪي سي سي آئ??) جي دوري دوران ڪيو، جتي هن پاڪستان ۾ خصوص?? ماڻهن کي درپيش سماجي ۽ اقتصادي مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. خصوص?? ماڻهن جي پهچ کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي هن ان سلسلي ۾ موجوده قانونن تي مڪمل طور تي عملدرآمد نه ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ ان حوالي سان موجوده خال کي ختم ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ته جيئن هڪ اهڙي جامع معاشري جي جوڙجڪ کي يقيني ب??ائي سگهجي جتي خصوص?? ماڻهن کي ترقي جا موقعا حاصل ٿي سگهن. هن چيو ته خصوص?? ماڻهو معاشري جو هڪ اهم طبقو آهن ۽ اهڙا ڪيترائي مثال آهن جن ۾ خصوص?? ماڻهن پنهنجي معذوري کي پنهنجي مٿان حاوي ٿيڻ نه ڏنو ۽ معاشري ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن ڪراچي چيمبر جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ معذور ماڻهن جي لاءِ مالي شموليت ۾ اضافي کي يقيني ب??ائڻ جي لاءِ وڌيڪ قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو. بيگم ثمينه عارف علوي ڪي سي سي آئ?? جي اهم ميمبرن سان گڏوگڏ اهم ڪاروباري شخصيتن، مقامي اين جي اوز جي نمائندن ۽ ٻين مختلف ڌرين سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان دوران معذور ماڻهن ج?? ماليت شموليت جي راهه ۾ ايندڙ مختلف ??ڪا??ٽن کي ختم ڪرڻ بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
معاشري ۾ خصوصي ماڻهن خلاف امتيازي سلوڪ جي حوصلا شڪني ڪرڻ گهرجي: بيگم ثمينه عارف علوي
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لاٹری