پاڪ چين لاڳاپا انتهائي مفنرد آهن، وزيراعظم شهباز شريف جي بيجنگ جي دوري سان چين پاڪستان لاڳاپن جي انفراديت جي عڪاسي ٿئي ٿي: چيني سفير نونگ رونگ جو خصوصي مضمون


اسلام آباد– 11 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۾ چين جي سفير نونگ رونگ پاڪ چين لاڳاپن کي انتهائي منفرد قرار ڏيندي چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي بيجنگ جي دوري سان چين پاڪستان لاڳاپن جي انفراديت جي عڪاسي ٿئي ٿي جيڪو 20 هين سي پي سي نيشنل ڪانگريس کانپوءِ چين جو دورو ڪندڙ پهريون حڪومتي سربراهه هو، سي پيڪ تحت 25 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي مجموعي سيڙپڪاري سان 47 منصوبا شروع يا مڪمل ڪيا ويا آهن، اڳئين مرحلي ۾ اسان پاڪستان ۾ صنعتن جي فروغ ۽ ان جي برآمدي چٽاڀيٽي کي وڌائڻ جي لاءِ صنعت، زراعت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ تعاون کي بهتر بڻائينداسين، هلندڙ سال چين کي پاڪستان جو روانگي واپار 4 ارب ڊالر کان وڌي وڃڻ جي اميد آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي 20 هين نيشنل ڪانگريس ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي چين جي دوري جي خصوصي حوالي سان انگريزي روزاني ”دي نيوز“ ۾ پنهنجي هڪ تازي مضمون ۾ ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي چين جي دوري دوران چين پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب تباهي کانپوءِ نئين سر تعمير جي لاءِ 500 ملين يوان جي هنگامي امداد جو اعلان ڪيو جنهن سان پاڪستان جي لاءِ چين جي مجموعي امداد 1.16 ارب يوان (36 ارب رپيا) تائين پهچي وئي جيڪا ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي. چين ٻوڏ سبب تباهي ۽ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي ڪم جو اندازو لڳائڻ جي لاءِ ماهرن جون ٽيمون پڻ موڪليون. هن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي 20 هين نيشنل ڪانگريس ڪاميابي سان پڄاڻي تي پهتي ۽ ان دوران وزيراعظم شهباز شريف جو چين جو پهريون سرڪاري دور هو، چين پاڪستان لاڳاپن جي لاءِ اهي ٻه وڏا ايونٽس هڪ ٻئي پٺيان آيا جن جي اهميت ڏورس آهي. هن چيو ته صدر شي جن پنگ وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته چين مسلسل ترقي جي ذريعي پاڪستان ۽ ٻي دنيا کي ترقي جا موقعا فراهم ڪرڻ جي پنهنجي پاليسي جاري رکندو. چين جي سفير چيو ته 20 هين سي پي سي نيشنل ڪانگريس هڪ اهڙي نازڪ موقعي تي منعقد ٿي جڏهن چين هر لحاظ کان هڪ جديد سوشلسٽ ملڪ جي تعمير ۽ ٻئي سئو سالا هدف طرف اڳتي وڌڻ جي لاءِ هڪ نئين سفر جي شروعات ڪري رهيو آهي. ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي 20 هين سينٽرل ڪميٽي جي پهرين اجلاس ۾ جنرل سيڪريٽري شي جن پنگ متفقه طور تي ٻيهر چونڊجي ويو، اهو چين کي هر لحاظ کان هڪ جديد سوشلسٽ ملڪ طرف نئين سفر جي شروعات لاءِ سڀ کان وڏي بنيادي سياسي ضمانت فراهم ڪندو. نونگ رونگ چيو ته چين پنهنجي گهرو ۽ پرڏيهي پاليسين جي استحڪام سان عالمي حالتن کي عدم استحڪام کان محفوظ ڪري رهيو آهي ۽ اعليٰ معيار جي اڳڀرائي سان عالمي معيشتن جي بحالي لاءِ هڪ مضبوط ۽ پائيدار محرڪ، ذميواراڻي رويي سان خطي ۽ دنيا جي پرامن ترقي جي لاءِ مسلسل ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن چيو ته چين جي صدر شي جن پنگ وزيراعظم شهباز شريف کي ٻڌايو ته چين مسلسل ترقي جي ذريعي پاڪستان ۽ ٻي دنيا کي ترقي جا موقعا فراهم ڪرڻ جي پنهنجي پاليسي جاري رکندو، وزيراعظم شهباز شريف ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي 20 هين نيشنل ڪانگريس کانپوءِ چين جو دورو ڪندڙ پهريون حڪومتي سربراهه هو ۽ چين ان جو شاندار استقبال ڪيو. صدر شي جن پنگ، وزيراعظم لي ڪي چيانگ ۽ نيشنل پيپلز ڪانگريس جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين لي زان شو وزيراعظم شهباز شريف سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن چيو ته ڌرين هڪ گڏيل پڌرنامو پڻ جاري ڪيو ۽ اي ڪامرس، ڊيجيٽل اڪانومي، زرعي مصنوعات جي برآمد، مالي تعاون، ثقافتي ملڪيتن جي تحفظ، انفراسٽرڪچر، فلڊ ريليف، آفتن کانپوءِ نئين سر تعمير سميت گلوبل ڊيولپمينٽ انيشي ايٽو، چوپائي مال جي بيمارين تي ضابطو آڻڻ، روزگار جي ذريعن، ثقافتي تعاون، خلا، جيو سائنسز سان گڏوگڏ لاء انفورسمينٽ ۽ سيڪيورٽي جي شعبن ۾ ڪيترن ئي معاهدن ۽ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪيون. چين جي سفير چيو ته صدر شي جن پنگ جي اها ٻن مهينن کان به گهٽ عرصي ۾ وزيراعظم شهباز شريف سان ٻي ملاقات هئي، هن وزيراعظم شهباز شريف کي 20 هين نيشنل ڪانگريس جي فوري بعد چين جي دوري جي ذاتي طور تي دعوت ڏني، ان دوري سان چين پاڪستان لاڳاپن جي انفراديت ۽ چين جي مجموعي سفارتڪاري ۾ پاڪستان جي اهميت جي عڪاسي ٿئي ٿي، اها بي مثاليت اسٽريٽجڪ ڪوآرڊينيشن ۽ سياسي گڏيل اعتماد جي اعليٰ ترين سطحن تي موجود آهي، اهو ئي سبب آهي جو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي بيان ڪرڻ جي لاءِ ”مضبوط دوستي“ جي اصطلاح استعمال ڪئي وڃي ٿي. هن چيو ته پاڪستان چين سان پنهنجي لاڳاپن کي پنهنجي پرڏيهي پاليسي جي بنيادي ٿنڀ طور ڏسي ٿو، جيئن ته صدر شي جن پنگ وزيراعظم شهباز شريف کي چيو ته چين پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي اسٽريٽجڪ ۽ ڊگهي مدي واري نقطه نظر سان ڏسي ٿو ۽ چين ان کي پنهنجي پاڙيسرين سان سفارتڪاري جي حوالي سان ترجيح ڏي ٿو. نونگ رونگ چيو ته چين پاڪستان لاڳاپن جي انفراديت هڪ ٻئي جي بنيادي مفادن سان لاڳاپيل معاملن جي حوالي سان گڏيل تعاون ۾ لڪل آهي، پاڪستان هن سال نينسي پلوسي جي تائيوان جي دوري ۽ انساني حقن واري ڪائونسل ۾ سنڪيانگ بابت مسئلن کي اٿارڻ جي ڪوششن جي حوالي سان چين جي ڀرپور حمايت ڪئي، اهڙي طرح چين پاڪستان جي خودمختياري، علائقائي سلامتي، سيڪيورٽي ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۽ خوشحالي کي فروغ ڏيڻ ۾ مدد ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اسان جي ويجهي هم آهنگي ٻطرفي ۽ عالمي سطح کان وڌي گهڻ رخي ٿي چڪي آهي، جيڪا گڏيل طور تي گلوبل ڊيولپمينٽ انيشي ايٽو ۽ گلوبل سيڪيورٽي انيشي ايٽو کي لاڳو ڪرڻ کي فروغ ڏئي رهي آهي ۽ گلوبل گورننس کي وڌيڪ منصفاڻو ۽ برابر بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته پاڪ چين لاڳاپا پاڪ چين اقتصادي لنگهه سان عبارت عملي تعاون جي ٺوس معاونت هجڻ سان گڏوگڏ بي مثال به آهن، سي پيڪ تحت 25 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي مجموعي سيڙپڪاري سان 47 منصوبا شروع يا مڪمل ڪيا ويا آهن ۽ روزگار جا ڏيڍ لک موقعا پيدا ٿيا آهن جڏهن ته 27 آڪٽوبر تي منعقد ٿيندڙ 11 هين جي سي سي دوران ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن ايم ايل ون منصوبي تي جلد عملدرآمد جي لاءِ اهم اتفاق راءِ ڪيو. هن چيو ته چين ڪراچي سرڪلر ريلوي تي سرگرمي سان اڳڀرائي تي اتفاق ڪيو ۽ هو شمسي ۽ ٻين قابل تجديد توانائي منصوبن ۾ شرڪت جي لاءِ چيني ڪاروباري ادارن جي حوصلا افزائي ڪري ٿو، سي پيڪ جي اڳئين مرحلي ۾ اسان پاڪستان ۾ صنعتن جي فروغ ۽ ان جي برآمدي چٽاڀيٽي کي وڌائڻ جي لاءِ صنعت، زراعت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ تعاون کي بهتر بڻائينداسين، صحت جي لنگهه، صنعتي لنگهه، ڊيجيٽل لنگهه ۽ گرين ڪوريڊور جهڙا تصور سي پيڪ جي اعليٰ معيار ترقي جو اهم حصو هوندا. چين جي سفير چيو ته چين سان زرعي واپار ۾ پاڪستان جو منافعو گذريل سال 640 ملين ڊالر تائين پهچي ويو جيڪو سالياني بنيادن تي 13 سيڪڙو اضافو آهي، چين پنهنجي ميگا مارڪيٽ تائين پاڪستان جي پهچ جي آجيان ڪري ٿو جڏهن ته چين پاڪستان پاران اعليٰ معيار جي غذائي ۽ زرعي مصنوعات جي پاڻ وٽ وڪري جي پڻ آجيان ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان پاران چيني سيڙپڪارن کي تحفظ جون ضمانتون ۽ سي پيڪ آءِ پي پيز کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون پاڪستان ۾ ڪاروبار شروع ڪرڻ جي لاءِ چيني سيڙپڪارن جي حوصلا افزائي ڪنديون ۽ ڪاروباري تعاون جي وسيع تر صلاحيت جي لاءِ دروازا کولينديون. هن چيو ته چين جي عوام کي اڃا تائين ياد آهي ته 2008ع ۾ وينچوان ۾ زلزلي کانپوءِ پاڪستان پاڻ وٽ موجود سمورا خيما ان کي عطيو ڪري ڇڏيا هئا، پاڪستان ۾ هلندڙ سال غيرمعمولي ٻوڏ کانپوءِ چين پاڪستان جي ڀرپور مدد ڪئي، ان مالي ۽ مادي امداد جو مجموعي ڪاٿو 660 ملين يوان تائين پهچي ويو. چين جي سفير نونگ رونگ چيو ته ٻنهي ملڪن جي هٿياربند فوج جي وچ ۾ ويجهو تعاون، اعتماد ۽ رابطو پڻ موجود آهي ۽ عسڪري ۽ سيڪيورٽي تعاون ۾ اڳڀرائي جاري رهندي، پاڪستان ۽ چين ثقافتي تعاون ۽ ان تي عملدرآمدي منصوبي بابت معاهدي کي 2027ع تائين توسيع ڏني آهي. 2023ع چين پاڪستان ايئر آف ٽوئرازم ۽ گنڌارا آرٽ نمائش جي حيثيت رکندڙ هوندو جيڪا بيجنگ ۾ پيلس ميوزيم ۾ منعقد ٿيندي، پاڪستان جي ثقافت ۽ چين سان رابطي جي ڊگهي تاريخ کي اجاگر ڪيو ويندو. نونگ رونگ چيو ته ڪورونا وائرس جي وبا گهٽ ٿيڻ سان پاڪستاني شاگردن جي چين واپسي جي معاملي کي موثر انداز ۾ حل ڪيو ويو آهي، سڌوسنئون فلائيٽ آپريشنز جي بحالي ۽ ان ۾ وڌيڪ اضافي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عوامي سطح تي مٽاسٽا پڻ وڌيڪ فعال ٿيندي. هن چيو ته پاڪستان ۾ چين جي سفير جي حيثيت سان نئين تاريخي مرحلي تي منهنجي موجودگي سان اسان جي ٻطرفن لاڳاپن جي مستقبل جي لاءِ مون ۾ وڌيڪ اعتماد ۽ بلند اميدون پيدا ٿيون آهن، اسان وزيراعظم شهباز شريف جي چين جي دوري جيڪو چين جي نتيجن تي ڀرپور عملدرآمد جي لاءِ پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪندو جيڪو پاڪستان ۽ دنيا جي لاءِ 20 هين سي پي سي نيشنل ڪانگريس جي موقعي ۽ اهميت کي اجاگر ڪرڻ، نئين دور ۾ گڏيل مستقبل سان ويجهي پاڪ چين ڪميونٽي جي فروغ ۽ اسان جي سدابهار تذويراتي معاون حصيداري کي نئين قوت بخشيندڙ جي حيثيت رکندڙ آهي.

متعلقہ مضامین