استنبول – 13 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي فلسطيني عوام ۽ ان جي جائز جدوجهد جي لاءِ پاڪستان جي حمايت کي ورجائيندي چيو آهي ته فلسطيني عوام جي لاءِ القدس شريف جي گادي واري شهر سان هڪ خودمختيار رياست جو قيام واحد روڊ ميپ آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار بيت المقدس شريف بابت اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي غي??معمولي سربراهه اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم القدس شريف تي او آءِ سي جو غي??معمولي سربراهه اجلاس گهرائڻ تي ترڪ صدر طيب اردوان ۽ ترڪيءَ جا ٿورا مڃيندي چيو ته هي غي??معمولي وقت آهي. هن چ??و ته مسجد الاقصيٰ جي بي حرمتي بابت 1969ع جي رباط سربراهه ڪانفرنس اها اميد پيدا ڪئي ه??ي ته فلسطيني عوام سان ٿيندڙ ناانصافين ۽ مسلمان دنيا کي در??يش سمورن مسئلن جي حوالي سان مسلمان امت پنهنجي صف?? ۾ ??تحاد پيدا ڪندي متحد ٿي جواب ڏيندي.
مضمون کا ماخذ : کنگ کانگ روش